Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

مانيون يتيم کي ڏئي ڇڏيون، پاڻ پاڻي سان افطار ڪري ڇڏيو. ٽيون ڏينهن آيو، وري هڪ صاع (تقريباً 4 ڪلو) جَو جون مانيون بڻايون ويون، دسترخوان تي رکيون ويون، ٽئين ڏينهن به هڪ سوالي آيو، الله! الله! قربان وڃو! حيدر جي گهراڻي جي ڪيتري ڪمال سخاوت آهي، انهن حضراتِ عالي وقار ٽئين ڏينهن به صبر ڪيو ۽ سڀئي مانيون سوالي کي عطا ڪري پاڻ پاڻي سان افطار ڪري ورتو. ([1])

بھوکے رہ کے خود اَوروں  کو کھلا دیتے تھے                   کیسے صابِر تھے محمد کے گھرانے والے

اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! هي ڪهڙو ايثار آهي، ڪهڙي نرالي سخاوت آهي! اهلِ بيتِ اطهار جو پاڪ گھراڻو، ٽي ڏينهن جا روزا، ٽي ڏينهن مانيون بڻجون، ۽ ٽي ڏينهن سوالي آيو. انهن پاڪ حضرات ٽئي ڏينهن پنهنجون سڀئي مانيون صدقو ڪري پاڻ پاڻي سان روزو افطار ڪيائون.

الله پاڪ کي انهن پاڪ ماڻهن جو هي نرالو عمل ايترو پسند آيو جو ربِّ ڪائنات قرآنِ پاڪ ۾ هن ايثار جو ذڪر فرمايو. هن ذڪر جو انداز به ڏسو! لفظن جي ترتيب تي ڌيان ڏيو! پهرئين ڏينهن مسڪين آيو هو، الله پاڪ فرمايو؛

وَ یُطْعِمُوْنَ  الطَّعَامَ عَلٰی حُبِّہٖ مِسْکِیْنًا

(پارہ:29، سورۀ دھر :8)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي الله جي محبت ۾ کاڌو کارائن ٿا مسڪين کي.

    ٻئي ڏينهن يتيم آيو هو ته الله پاڪ ٻئي نمبر تي يتيم جو ذڪر ڪيو، فرمايو:

وَ  یَتِیْمًا

  (پارہ:29، سورۀ دھر :8)

ترجمو ڪنزالعرفان:  ۽ يتيم (کي)

 

ٽئين ڏينهن قيدي آيو هو ته الله پاڪ ان جو ذڪر ٽئين نمبر تي ڪندي فرمايو:

وَ اَسِیْرًا

(پارہ:29، سورۀ دھر :8)

        ترجمو ڪنزالعرفان:  ۽ قيدي (کي)

 


 

 



[1]...تفسیر خزائن العرفان ،پارہ:29 ،سورۂ دہر ،زیرِ آیت:7 ،صفحہ:1073خلاصۃً ۔