Book Name:Teen Psandida Sifat

مٹا میرے رنج والم یااِلٰہی!         عطا کر مجھے اپنا غم یااِلٰہی

شرابِ محبت کچھ ایسی پِلا دے       کبھی بھی نشہ ہو نہ کم یااِلٰہی

نہ دے تاجِ شاہی، نہ دے بادشاہی    بنا دے گدائے حرم یااِلٰہی([1])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ جي محبوب ٻانهي جون فضيلتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اها هڪ مختصر حديثِ پاڪ جيڪا حضرتِ سَعد بِن اَبِي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي پٽ کي ٻُڌائي ۽ ان کي سبق ڏنو ته دُنيا ۾ مقام ۽ مرتبي ۽ منصب جي خواهش ڪرڻ فضيلت جي ڳالھ ناهي، بلڪ تقويٰ اختيار ڪرڻ، غني ٿيڻ ۽ گمنام رهڻ فضيلت جو سبب آهي۔ هن حديثِ پاڪ مان خبر پئي ته جنهن شخص ۾ اهي ٽي وصفون هجن، اهو الله پاڪ جو مَحبُوب ٻانهو بڻجي ويندو آهي۔

هن کان پهريان جو اسان هنن ٽن وصفن جي الڳ الڳ وضاحت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون، 2 مدني گل ذهن نشين ڪري ڇڏيو:

پهرين نمبر تي اها ڳالھ سمجھڻ جي آهي ته الله پاڪ جي ٻانهي سان محبت جو مطلب ڇا آهي؟ حُجَّة الاِسلَام، امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن جو هڪ مطلب اهو بيان فرمايو آهي ته الله پاڪ جي پنهنجي ٻانهي سان محبت اها آهي ته الله پاڪ ٻانهي جي لاءِ پنهنجي قُرب جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي۔ (احیاءالعلوم، جلد:5، صفحہ:105)

ٻيو مدني گل  جيڪو هن مقام تي ذهن ۾ رکڻو آهي اهو هي ته هڪ آهي: ٻانهي جو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ۔ اها به وڏي فضيلت جي ڳالھ آهي، وڏي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:109ملتقطًا۔