Book Name:Teen Psandida Sifat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔

 (جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔)

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس۔ * بيان دروان سُستي کان بچندس۔ * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس۔ * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سَعد بِن اَبِي وَقَاص رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابيء رسُول آهن ۽ اُنهن 10 خوش نصيب صحابي سڳورن مان آهن، جن کي مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا ۾ ئي جنّت جي بشارت عطا فرمائي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏا بهادر، جوشِ ايماني رکندڙ، وڏا متقي، پرهيز گار ۽ عِبَادت گذار هئا۔ هڪ ڏينهن حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي جانورن جي سارسنڀال لهي رهيا هئا ته سندن پٽ عُمر بن سَعد اچي چيو: بابا سائين...! اوهان هتي اُٺن ٻڪرين جي سار سنڀار لهي رهيا آهيو جڏهن ته ماڻهو اتي خلافت جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، حضرت سَعد بِن اَبِي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي پٽ جي سيني تي هٿي هڻندي فرمايائون: ”اُسْکُتخاموش ٿيءُ...! پوءِ حضرت سَعد بِن اَبِي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ حديثِ پاڪ ٻُڌائي، فرمايائون: مون آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻُڌو ته اِنَّ الله يحِبُّ العَبدَ التَّقِي الغَنِي الخَفِي بيشڪ الله پاڪ تقويٰ واري، غَني ۽ گمنام شخص سان محبت فرمائي ٿو۔ (مسلم، کتاب: الزہد، صفحہ:1135، حدیث:2965)