Book Name:Teen Psandida Sifat

حضرت ڪعب رَضِىَ اللهُ عَنۡه عرض ڪيو: ذٰلِکَ التَّقْویٰ اي امير المؤمنين! بَس اها ئي تقويٰ آهي۔ (تفسیرِ بغوی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:2، جلد:1، صفحہ:13)

مطلب اهو ته اسان هن دُنيا ۾ آياسون، الله پاڪ اسان کي پاڪيزه روح عطا ڪيو، پاڪ صاف دل عطا ڪئي، هاڻي اسان هن دُنيا مان گذري آخرت ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ڄڻ ته هيءَ دُنيا هڪ راھ آهي ۽ هن راھ تي ڪنڊيدار جھاڙيون آهن، هڪ پاسي شيطان آهي، هڪ پاسي نفس آهي، هڪ پاسي دنيا جي محبت آهي، هڪ طرف مال جي محبت آهي، حَسَد، بغض، ڪينو، خواهش پرستي وغيره وغيره هزارين گُنَاھ ۽ هزارين گُنَاهن جا رستا، اهي سڀئي ڄڻ ته ڪنڊيدار جھاڙيون آهن، اسان زِندگي جي هن سَفَر ۾ پنهنجي پاڪيزه رُوح کي، پنهنجي دِل کي انهن ڪنڊيدار جھاڙين (يعني گُنَاهن) کان بچائيندي گذري وڃڻو آهي، بَس انهيء شيء جو نالو تقويٰ آهي۔

حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تقويٰ

   حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري سَفر تي هئا، راھ ۾ هڪ جڳھ تي قيام ڪيائون، مريد به گڏ هئا، حضرت با يزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي قميض مبارڪ ڌوتي، مريدن عرض ڪيو: سائين! هي قميض سامهون واري ڀِت تي رکي سُڪايون ته جيئن جلدي سڪي وٺي۔ فرمايائون: نه! اها جنهن جي ڀِت آهي اسان ان کان اجازت ناهي ورتي۔ مُرِيدن عرض ڪيو: پوءِ هن کي وڻ جي ٽاري تي لٽڪائي ڇڏيون؟ ارشاد فرمايائون: وڻ جي ٽاري تي پکي ويهندا آهن، اسان پکين کان انهن جي ويهڻ جي جاءِ نٿا کسي سگھون۔ مُريدن عرض ڪيو: سائين! پوءِ ڀلا هن قميض مبارڪ کي اسان گاھ تي سڪايون ٿا؟ ارشاد فرمايائون: نه! گاھ جانورن جو کاڌو آهي، اسان انهن جو کاڌو اِنهن کان کسي نٿا سگھون۔ نيٺ حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي قميض مبارڪ کي پنهنجي پُٺي تي رکي پنهنجي پُٺ سج ڏانهن ڪري ڇڏي ايستائين جو قميض مبارڪ سُڪي وئي. (رسالہ قشیریہ، تقویٰ کا بیان، صفحہ:221)