Book Name:Teen Psandida Sifat

هاڻي اچو! انهن 3 پسنديده صِفتن جي وَضَاحت ٻڌون ٿا:

پهرين پسنديدھ صفت: تقويٰ

پهرين صفت آهي: تقوي۔ سيپاري 3، سوره آلِ عمران، آيت: 76 ۾ ارشاد آهي:

فَاِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ الْمُتَّقِیْنَ(۷۶)  (پاره3،سورةآلِ عمران:76)

ترجمو ڪنزُ العِرفان: بيشڪ الله پرهيزگارن سان محبت ڪري ٿو.

پيارا اسلامي ڀائرو! تقويٰ بندگي جي اصل آهي، امام فخرُ الدِّين رازي
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن باري ۾ هڪ علمي نڪتو بيان ڪيو آهي، لکن ٿا: الله پاڪ هڪ هنڌ قرآنِ ڪريم جي اها صِفَّت بيان ڪئي ته قرآنِ ڪريم تقويٰ وارن جي لاءِ هدايت آهي، ارشاد آهي:

هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ(۲) (پاره1،سورۂ البقره:2)    

ترجمو ڪنزالايمان: ڊپ وارن جي لاءِ هدايت آهي

ٻي هنڌ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

هُدًى لِّلنَّاسِ  (پاره2،سورۂ البقره:185)        

ترجمو ڪنزالايمان: ماڻهن جي لاءِ هدايت آهي

امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هنن ٻنهي آيتن کي ملايو وڃي ته نتيجو اهو نڪرندو ته حقيقت ۾ اِنسان سڏائڻ جو حقدار اهو ٻانهو آهي جيڪو متقي آهي، جيڪو متقي ناهي اهو حقيقت ۾ اِنسان چورائڻ جو به حق دار ناهي۔ (تفسیرکبیر، پارہ:1،سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:2، جلد:1، صفحہ:268)

هن ڳالھ کي هڪ مثال مان سمجھو! مثال جي طور تي هڪ بَس مڪه مڪرمه کان مدينه منوره ڏانهن وڃي رهي آهي ۽ ان ۾ 72 مُسَافِر ويٺل آهن، جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته ڊرائيور 72 مُسَافِرن کي مدينه منوره وٺي وڃي