Book Name:Teen Psandida Sifat

مَعَاذَالله! الله پاڪ ٻانهي ۾ سرايت ڪري ويندو آهي، نه، نه، ايئن هر گز نه آهي۔ حديثِ پاڪ جو هڪ مطلب جيڪو عالم سڳورن بيان فرمايو اهو هي آهي ته جڏهن الله پاڪ ٻانهي سان محبت فرمائيندو آهي ته ان کي پنهنجي قرب سان نوازيندو آهي، ايستائين جو ٻانهو ”فَنَا فِي الله“ جي درجي تائين پهچي ويندو آهي، پوءِ ان جي عضوئن ۾ خدائي طاقتون اچي وينديون آهن، ۽ اهو اهڙا ڪم ڪري وٺندو آهي جن تائين عقل پهچي ناهي سگهندو، اهو ٻانهو صِفَاتِ الٰهي جو مظهر ٿي ويندو آهي، هاڻي ان جو اهو شان هوندو آهي جو * اهو ڏسندو ته پنهنجي ئي اک سان آهي پر اُن جي اک ۾ نورِ الٰهي جلوه گر ٿي ويندو آهي، تنهنڪري اهو ويجهو کي به ڏسندو آهي، پري کي به ڏسندو آهي، ظاهر کي به ڏسندو آهي، پوشيده کي به ڏسندو آهي، * ٻانهو ٻڌندو ته پنهنجي ڪن ئي سان آهي پر ان جو ٻُڌڻ الله پاڪ جي صِفَّتِ ”سَمِيع“ جو مظهر ٿي ويندو آهي، ان جي سماعت خُدائي طاقت جو مظهر ٿي ويندي آهي، تنهنڪري اهو پري جو آواز به ٻڌندو آهي، ويجهو وارو به ٻڌندو آهي، * اهڙي طرح هو پڪڙيندو ته پنهنجي هٿ سان آهي پر ان جو پڪڙڻ الله پاڪ جي صفّتِ ”بَطش (يعني گرفت فرمائڻ جي صِفَّت) جو مظهر ٿي ويندو آهي، * هو هلندو ته پنهنجي ئي پيرن سان آهي پر ان جي پيرن ۾ خُدائي طاقت رکي ويندي آهي، * هو سوچيندو سمجھندو ته  پنهنجي ئي دِل سان آهي پر ان جي سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت ۾ خُدائي طاقت رکي ويندي آهي، * هو ڳالهائيندو ته پنهنجي زبان سان آهي پر ان جي ڳالهائڻ ۾ خدائي جي طاقت رکي ويندي آهي. اسان جي آقا وموليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن قيامت تائين جا واقعا اکين سان ڏسي ورتا، حضرت يعقوب عَلَيه السَّلَام ڪنعان ۾ ويٺا هئا پر يوسُف عَلَيه السَّلَام جي مصر کان ايندڙ قميص مبارڪ جي خوشبو سونگھي ورتي، حضرت سليمان عَلَيه السَّلَام ٽن ميل جي مفاصلي کان ڪِوِل جو آواز ٻُڌي ورتو، سندن وزير حضرت آصف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اک ڇنڀڻ جي دير ۾ يمن کان تختِ بلقيس کڻي ملڪ شام ۾ حاضِر ڪري ڏنو، امير المؤمنين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه مدينه منوره ۾ خطبو پڙھندي