Book Name:Teen Psandida Sifat

شان ۽ عظمت جي ڳالھ آهي پر ان کان وڌيڪ فضيلت واري، ان کان وڌيڪ عظمت ۽ شان واري ڳالھ اها آهي ته  الله پاڪ پنهنجي ٻانهي سان محبت ڪري۔ ٻانهو ته ٻانهو آهي، ٻانهو پنهنجي خالق سان محبت ڪري، پنهنجي مالڪ سان محبت ڪري، پنهنجي رَبّ سان، پنهنجي پالڻهار سان، پنهنجي رَازِق سان محبت ڪري، اهو ٻانهي جو حق ٿئي ٿو پر الله پاڪ رَبّ ٿي، خالِق ۽ مالِڪ ٿي پنهنجي ٻانهي سان محبت فرمائي ته اها وڌيڪ فضيلت ۽ شان واري ڳالھ آهي۔         ”بُخاري شريف“ ۾ هڪ حديث قدسي آهي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: مَايزَالُ عَبدِي يتَقَرَّبُ اِلَي بِالنَّوَافِل ٻانهو نفلن جي ذريعي منهنجو قُرب حاصل ڪندو رهي ٿو، حَتّٰي اُحِبُّه ايستائين جو مان (الله پاڪ) ان سان محبت ڪرڻ لڳان ٿو، فَاِذَا اَحبَبتُه پوءِ جڏهن مان ٻانهي سان محبت ڪيان ٿو ته کنتُ سَمعَه الَّذِي يسمَعُ بِهٖ مان ان ٻانهي جا ڪن بڻجي ويندو آهيان جن سان هو ٻڌندو آهي، وَبَصَرَه الَّذِي يبصِرُ بِهٖ، ان ٻانهي جي اک بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو ڏسندو آهي، وَيدَه الَّتِي يبطِشُ بِها مان ان جا هٿ ٿي ويندو آهيان جن سان هو پڪڙيندو آهي، وَرِجلَه الَّتِي يمشِي بِها ۽ مان ان جا پير ٿي ويندو آهيان جن سان هو هلندو آهي. (بخاری، کتابُ:الرِّقَاق، بابُ:التَّوَاضُع، صفحہ:1597، حدیث:6502) هڪ ٻي روايت ۾ آهي: وَفُؤَادَه الَّذِي يعقِلُ بِهٖ مان ان ٻانهي جي دل ٿي ويندو آهيان جنهن سان اهو سوچندو ۽ سمجھندو  آهي، وَلِسَانَه الَّذِي يتَکلَّمُ بِهٖ ۽ مان ان ٻانهي جي زبان ٿي ويندو آهيان جنهن سان اهو گفتگو ڪندو آهي، اِن دَعَانِي اَجَبتُه جيڪڏهن اهو ٻانهو مون کان دُعا ڪري ته مان ان جي دُعا پُوري ڪندو آهيان، وَاِن سَاَلَنِي اَعطَيتُه ۽ جيڪڏهن منهنجو محبوب ٻانهو مون کان ڪنهن شيء جو سُوال ڪري ته مان ان کي عطا ڪندو آهيان۔ (موسُوعہ اِبْنِ ابی دُنیا، رسالہ: الاَوْلیاء، جلد:2، صفحہ:399، حدیث:45)

اي عاشقان رسول! هن حديثِ پاڪ جي مطابق الله پاڪ جو ٻانهي جا ڪن، اک، زبان، هٿ، پير، دِل ۽ زبان بڻجي وڃڻ جو اهو مطلب هر گز نه آهي ته