Book Name:Teen Psandida Sifat

   سُبحٰنَ الله! اها آهي تقويٰ...!! اسان هن دُنيا ۾ جيڪو به ڪم ڪريون نهايت سنڀلجي، سوچي سمجھي، وڏي احتياط سان ڪريون ته جيئن ڪٿان کان به گُنَاھ يا حق تلفي وغيره ۾ نه پئجي وڃون، جهڙي طرح اسان پنهنجي پسند جا نوان ۽ قيمتي ڪپڙا پاتا هجن، برسات اچي وڃي، رستو ڪچو هجي، رستي ۾ گپ هجي ته اسان اتان کان سنڀلجي سنڀلجي وڏي احتياط سان پير رکندا آهيون، ڪپڙا مٿي ڪندا آهيون ته ڪٿي پير نه ترڪي پوي، ڪپڙن تي گپ نه لڳي وڃي، اهڙي طرح زِندگي جي سَفر ۾ هر ڪم سنڀلجي، وڏي سوچ ويچار سان ڪرڻا آهن، اسان جيڪي به ڪم ڪيون، ان کان پهريان خوب سوچيو وڃي ته ڪٿي ان ڪم ۾ گُنَاهن جا پهلو ته نه آهن؟ دُڪان کولڻو آهي، ڪاروبار هلائڻو آهي، نوڪري ڪرڻي آهي، شادِي ڪرڻي آهي، سَفَر تي وڃڻو آهي، ڪجھ خريد ڪرڻو آهي، وڪڻڻو آهي، مطلب جيڪي به ڪم ڪرڻا آهن، تمام احتياط سان سوچي سمجھي، شرعي رهنمائي وٺي ڪرڻا آهن ته جيئن اسان گُنَاهن کان پُوري طرح بچي سگھون۔

تقويٰ ڪيئن ملي؟

اي عاشقان رسول! رهي اها ڳالھ ته اسان کي تقويٰ ڪيئن حاصل ٿيندي؟ هن جي لاءِ عرض آهي ته تقويٰ جي اَصل آهي: گُنَاهن کان بچڻ۔ ۽ گُنَاهن کان بچڻ جي لاءِ ٻن شين جي ضرورت ٿيندي آهي: نمبر1: گُنَاهن جي معلومات۔ نمبر2: دِل ۾ گُنَاهن کان نفرت۔

جيڪڏهن انسان کي گناهن جي معلومات ئي نه هجي ته ظاهر آهي اهو شخص گناهن کان بچي نه سگھندو۔ ۽ جيڪڏهن گُنَاهن جي معلومات ته هجي پر دِل ۾ گُنَاهن کان نفرت نه هجي، تڏهن به گُنَاهن کان بچڻ، نهايت دُشوار آهي۔

    هاڻي سُوال اهو آهي ته اهي ٻئي شيون ڪيئن حاصل ٿينديون؟ ان جي لاءِ عرض اهو آهي ته گناهن جي معلومات ته اڄڪلھ تمام آساني سان حاصل ڪري