Book Name:Teen Psandida Sifat

ٻي پسنديدھ صفت: غِنَا

الله پاڪ جي محبوب ٻانهي جي ٻي وَصف جيڪا پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيان فرمائي، اهو غِنا آهي۔ اِنَّ الله يحِبُّ العَبدَ التَّقِي الغَنِي بيشڪ الله پاڪ تقويٰ واري، غَنِي ٻانهي کان محبت فرمائي ٿو۔

لفظ: غَنِي جي معني آهي: بي نيازي ۽ اها الله پاڪ جي صِفَّت آهي۔ قرآنِ ڪريم ۾ آهي:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اَنْتُمُ الْفُقَرَآءُ اِلَى اللّٰهِۚ-وَ اللّٰهُ هُوَ الْغَنِیُّ الْحَمِیْدُ(۱۵)  (پاره22،سورةفاطر:15)

ترجمو ڪنزالايمان: اي انسانو توهان سمورا الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي بي نياز آهي سمورين خوبين ساراهيل آهي.

معلوم ٿيو ته اسان سڀ جا سڀ الله پاڪ جا محتاج آهيون ۽ الله پاڪ غني ۽ بي نياز آهي۔ تنهنڪري اها صِفَّتِ غنا يعني مڪمل طور تي بي نيازي اِنسَان کي ملڻ ناممڪن آهي۔

البته اها غِنا جيڪا ٻانهي جي صِفَّت آهي، اها اَصل ۾ غِنَا نه آهي بلڪه فقر آهي۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فَقر جا 6 درجات بيان ڪيا آهن، ان ۾ فقر جو جيڪو سڀ کان اعليٰ درجو آهي، ان کي غِنَا چيو ويندو آهي ۽ ان جو مطلب اهو آهي ته ٻانهو دُنيا جي هر شيء کان، مال ۽ دولت وغيره کان بي نياز ٿي وڃي۔ لهٰذا اهو ٻانهو جنهن جي ويجھو مال ۽ دولت جي ڪا حيثيت نه هجي، مال ۽ دولت ملڻ يا نه ملڻ ان جي ويجھو برابر هجي، اهڙي شخص کي غني چوندا آهن۔ (احیاءُ العلوم (مترجم)، جلد:4، صفحہ:564، خلاصۃً)

حُبِّ دُنیا سے تُو بچا یارَبّ!        عاشِقِ مصطفےٰ بنا یارَبّ!

حِرْصِ دُنیا نکال دے دِل سے      بَس رہوں طالِبِ  رضا یارَبّ! ([1])


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:79-81۔