Book Name:Teen Psandida Sifat

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسة المدينه بالغان

  پيارا اسلامي ڀائرو! تقويٰ ماڻڻ، دُنيا جي محبت دِل مان ڪڍڻ ۽ الله پاڪ جي رضا وارن ڪمن ۾ مَصرُوف رهڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺو! اِن شَآءَ الله! دِل ۾ الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت جي شمع روشن ٿيندي، زِندگي ۾ نيڪين جي بهار ايندي ۽ فضوليات کان بچڻ، الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ جا ڪثرت سان موقعا نصيب ٿيندا. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدرسة المدينه بالغان۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي تحت ملڪ ۽ ٻاهرين مُلڪ سوين مدارسُ المدينه بالغان لڳن ٿا، جن ۾ وڏي عُمر جي اسلامي ڀائرن کي دُرُست تجويد ۽ مخارج سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ ۽ مختلف سنتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن۔ اوهان به مدرسة المدينه بالغان ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ جي اهليت رکو ٿا ته پڙھائڻ جي، نه ته پڙھڻ جي نيت ڪري وٺو۔

فيشن پرست جي زِندگي ۾ بهار اچي وئي

حيدر آباد جي علائقي آفندي ٽاؤن جي رهواسي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مان هڪ فيشن پرست نوجوان هئس، دُنيا جي موج مستي ۾ گم، پنهنجي آخرت جي انجام کان غافِل زِندگي جا ڏينهن گذاري رهيو هئس، پوءِ گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ بهار هيئن آئي جو مون کي مدرسة المدينه بالغان ۾ داخلي جي سَعَادت ملي، بَس پوءِ منهنجي خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو، مدرسة المدينه بالغان جي برڪتن منهنجي تاريڪ دِل کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان روشن ڪري ڇڏيو، ان ۾ مون کي قرآنِ پاڪ جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو پڻ مليو ۽ هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي سَعَادت به نصيب ٿي۔ الحمد لله! مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙھڻ جي برڪت سان منهنجي زِندگي ۾ بهار اچي وئي، فيشن پرستي، موج مستي کان نجات پڻ