Book Name:Teen Psandida Sifat

خالق ۽ مالڪ جو انڪار ڪري رهيو آهي۔ مَعلُوم ٿيو ته اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون ۽ بندگي جي اَصل آهي: تقوي۔

دے حُسْنِ اخلاق کی دولت          کر دے عطا اخلاص کی نعمت

مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا           یااللہ! میری جھولی بھردے([1])

تقويٰ نيڪي جي اصل آهي

اي عاشقان رسول! جهڙي طرح بندگي جي اَصل تقوي آهي، اهڙي طرح نيڪي جي اَصل به تقويٰ آهي۔ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ لَیْسَ الْبِرُّ بِاَنْ تَاْتُوا الْبُیُوْتَ مِنْ ظُهُوْرِهَا وَ لٰكِنَّ الْبِرَّ مَنِ اتَّقٰىۚ-  (پاره2،سورةالبقرة:189)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اها ڪا نيڪي ناهي جو توهان گهرن ۾ پوئين ڀت ڀڃي اچو، ۽ ها! اصل نيڪ ته پرهيزگار هوندو آهي.

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: جاهليت واري زماني ۾ ماڻهن جي اها عادت هئي ته جڏهن هو حج جي لاءِ اِحرام ٻڌندا هئا، پوءِ جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ضرورت ڪارڻ پنهنجي گھر وڃڻو هوندو هو ته گھر جي دروازي مان داخِل نه ٿيندا هئا بلڪه گھر جي پوئين ديوار ٽوڙي اندر ايندا هئا ۽ ان ڪم کي نيڪي سمجھندا هئا، ان تي اها آيت نازِل ٿي ۽ الله پاڪ فرمايو: اها ڪا نيڪي ناهي ته توهان گھرن جي پوئين پاسي کان اچو، اَصل نيڪي تقويٰ آهي۔ (صراط الجنان، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت: 189، جلد:1، صفحہ:304)

مَعلُوم ٿيو اَصل ۾ نيڪوڪار اهو شخص آهي جيڪو تقويٰ وارو آهي ۽ اها واضِح ڳالھ آهي؛ * حقيقت ۾ پابندي سان نماز اهو پڙھي سگھي ٿو جنهن ۾ خوفِ خُدا موجود هجي نه ته ڪيترا ئي اهڙا آهن جن کي فرصت مِلي ته نماز


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:123ملتقطًا۔