Book Name:Teen Psandida Sifat

حالات ڪهڙا به هجن، ان جو ذِهن اهو ٺهيل هجي ته الله پاڪ مالِڪ آهي، الله پاڪ منهنجو خالِق آهي، الله پاڪ رِزق عطا ڪرڻ وارو آهي، جڏهن اهو پخته ذِهن بڻجي ويندو ته اِن شَآءَ الله! اسان جي دِل ۾ دُنيا کان، دُنياوي مال ۽ دولت کان، دُنيا دارن کان غِنَا يعني بي نيازي جي صِفَّت پيدا ٿي ويندي۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ٽئين پسنديدھ صفت: خِفاء (يعني گمنامي)

الله پاڪ جي محبوب ۽ پسنديده ٻانهي جي ٽين وَصف جيڪا حديثِ پاڪ ۾ بيان ٿي، اها آهي: خِفاء يعني گمنامي۔ يعني اهو شخص جيڪو ماڻهن ۾ پنهنجي شهرت نٿو چاهي، هر نيڪي لڪي ڪري ٿو، پاڻ گمنام رهي ٿو، اهڙو شخص به الله پاڪ جو محبوب ۽ پسنديده آهي۔

هڪ حديثِ پاڪ ۾ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مومن ٻانهي جون ڇھ وصفون بيان ڪيون ۽ فرمايائون: اِنَّ اَغْبَطَ اَوْلِیَائِیْ منهنجو قابِل رَشڪ دوست اهو آهي (جنهن ۾ 6 وصفون موجود هجن) پوءِ انهن ڇهن وصفن مان هڪ اها بيان ڪئي: اهو ماڻهن ۾ لڪيل هجي، ماڻهو ان ڏانهن آڱرين سان اشارا نه ڪن۔ (ترمذی، کتابُ: الزُّہد، صفحہ:561، حدیث:2347)

انهيء مفهوم جي هڪ حديثِ پاڪ تحت حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني دُنياوي ڪمالات، دولت، صحت، طاقت ۾، اهڙي طرح ديني ڪمالات مثال طور عِلم، عِبَادت، رياضت ۾ ان جي شهرت نه هجي، ڇوته عوام جي لاءِ شهرت خطرناڪ ئي آهي، هن سان عام طور تي دِل ۾ غرور، تڪبر پيدا ٿي ويندو آهي، اهڙي شهرت کان گمنامي چڱي آهي، ها! بعض ٻانها اهڙا پڻ آهن جيڪي شهرت سان متڪبر ناهن ٿيندا، اهي سمجھندا آهن ته نيڪ نامي ۽ بدنامي الله پاڪ جي قبضي ۾ آهي، ماڻهن جو ڪو اعتبار ناهي، انهن کي زِنده باد ۽ مرده باد جا نعرا لڳائڻ ۾ دير ناهي ٿيندي۔ (مرآۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:136)