Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

خواهش هوندي آهي ته ڪاش! رمضان المبارڪ سردين ۾ اچي ها ته آساني رهي ها۔ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو مزاج ان جي ابتڙ هو، اهي گرمي جي روزن کي گھڻو پسند ڪندا هئا، مولاءِ ڪائنات، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون کي 3 شيون گھڻيون پسند آهن، انهن مان هڪ آهي: صِيامُ الصَّيف يعني گرمين ۾ روزا رکڻ۔ (الرِّیَاضُ النَّضرۃ، الباب الرابع، جلد:1، صفحہ:52)

گرمي جي روزن جا فائدا

  ڏٺو وڃي ته گرمين جي روزن جا گھڻا فائدا آهن مثال طور * روزو رکڻ عِبادت آهي ۽ گرمين ۾ اسان کي گهڻي دير تائين روزي سان رهڻ جي سعادت ملندي آهي، گرمين ۾ عام طور تي 15 کان 16 ڪلاڪن جو روزو ٿيندو آهي پر سردين ۾ عام طور تي 11 يا 12 ڪلاڪن جو روزو ٿيندو آهي، يعني گرمين ۾ اسان ڏينهن رات جو اَڪثر حِصّو روزي سان رهي عِبَادت ۾ گذاريندا آهيون ۽ سردين ۾ ڪم حصو روزي واري عِبَادت ۾ گذري ٿو * روزيدار جا عضوا تسبيح ڪن ٿا، تنهنڪري گرمين جي روزي ۾ اسان جا عضوا گهڻي دير تائين تسبيح ڪندا * روزيدار جي لاءِ دريا جون مَڇيون بخشش جي دُعا ڪنديون آهن، لهٰذا گرمين جي روزن ۾ گهڻي دير تائين بخشش جي دُعا ملندي رهي ٿي * صبر ڪرڻ واري کي الله پاڪ جي مَعِيت (يعني مدد ۽ نُصرت) نصيب ٿيندي آهي، قرآنِ مجيد ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِیْنَ(۱۵۳) (پاره:2،البقرة:153)

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ الله صبر وارن سان گڏ آهي.

گرمين جي روزن ۾ اسان گهڻي دير تائين عملي طور تي صبر جو مُظَاهرو ڪري رهيا هوندا آهيون ۽ ٻانهو جيستائين صبر ڪندو رهي ٿو، آيت سڳوري جي مُطَابِق ان وَقت تائين ٻانهي کي الله پاڪ جي مَعِيت (يعني مدد ونصرت) نصيب رهي ٿي، لهٰذا گرمين جي روزن ۾ زياده دير تائين الله پاڪ جي مَعِيت