Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

آهي ۽ سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جنڊ جي ويجھو ئي زمين تي آرام فرمائي رهيون (يعني ستل آهن) آهن۔ حضرت اُمِّ اَيمن رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: اهو معاملو ڏسي مون کي ڏاڍي حيراني ٿي ته؛ جنڊ خود پاڻهي ڪيئن هلي رهيو رهي آهي؟ حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهما جو پينگھو ازخود  ڪيئن هلي رهيو آهي؟ مان پنهنجي هن حيرت جو حل معلوم ڪرڻ جي لاءِ غيبن تي خبردار نبي، مڪي مَدَني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضِر ٿيس ۽ عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! سيده ته آرام فرما آهن پر جنڊ به پاڻهي هلي رهيو آهي، پينگھو به هلي رهيو آهي؟ آخر اهو مُعَاملو ڇا آهي؟ پياري آقا، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اي اُمِّ اَيمن! سخت گرمي آهي، رمضان آهي، فاطمه (رَضِىَ اللهُ عَنْها) روزو رکيو آهي، الله پاڪ فاطمه تي ننڊ غالب ڪري ڇڏي ته جيئن ڪجھ دير آرام ڪري وٺن ۽ انهن کي گرمي جي شِدَّت محسوس نه ٿئي ۽ (الله پاڪ) ملائڪن کي موڪليو آهي جيڪي جنڊ ۽ پينگھو هلائي رهيا آهن۔ (سفینہ نوح، حصہ: دوم، صفحہ:35)

وہ خاتونِ جَنّت معصوم حُوریں باندیاں جن کی

مَلَک جَنّت سے آکر پیستے تھے چکیاں جن کی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! سخت گرمي ۽ گرمي به عرب شريف جي، رمضان جو مهينو ۽ سيده فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها روزو رکيو آهي۔ خبر پئي ته رمضان المبارڪ چاهي گرمي ۾ اچي، چاهي سَردِي ۾ اچي، ان جا روزا فرض آهن ۽ رکڻا ئي رکڻا آهن۔ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ۽ اسان جي مزاج ۾ هڪ وڏو فرق اهو به آهي ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان نيڪي، جنَّت، ثوابِ آخرت ۽ رِضاءِ الٰهي جا حريص هئا پر جيئن جيئن مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري حيات جي زماني کان دُوري ٿيندي پئي وڃي، اسان سهولت پسند ٿيندا پيا وڃون، گرمي جا روزا به توڙي جو رکڻ وارا رکن ٿا پر عام طور اها ئي