Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

فقر ڇا کي چئبو آهي

اسان وٽ عام محاوري ۾ لفظِ ”فقر“ مان غربت ۽ مفلسي مراد وٺندا آهن، حضرت فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها معاذ الله! هن معني ۾ فقير نه هيون، الله پاڪ بي ادبي کان محفوظ فرمائي! هن لحاظ سان ته سيده پاڪ رَضِىَ اللهُ عَنْها کان وڌيڪ امير ڪو ٿي ئي نٿو سگھي، پاڻ مالِڪ جنّت، صاحِبِ ڪوثر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون شهزاديون آهن، جنَّت جون ملڪه آهن ۽ ڪو مڃي نه مڃي حق اهو ئي آهي ته اڄ به زمانو پنجتن پاڪ (يعني (1): اسان جي آقا وموليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ(2): سندن شهزادي سيده خاتونِ جنّت(3): ان جا گهروارا(مڙس) موليٰ علي مشڪل ڪشا ۽ ان جا شهزادا (4-5):امامِ حسن ۽ امام حُسين رَضِى الله عَنْهمْ) ئي جو صدقو کائي رهيو آهي، ۽ سندن دَر تان دُنيا پلجي رهي آهي۔

ہیں کائناتِ حُسْن کے انوار پانچ تَن                      خالق کا بےمثال ہیں شاہکار پانچ تَن

اُن ہی کے دَم سے رونقِ کونین ہے تمام            کونین کے ہیں مالک ومختار پانچ تَن

 

اَصل ۾ ”فَقر“ صُوفي سڳورن جي هڪ اِصطلاح آهي، هن جي معني آهي: مَاسِوَ الله (يعني الله پاڪ کان عِلاوه هر شيء) کان بي نياز ٿي وڃڻ۔ حضرت ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن کي دُنيا جي تمام دولت مِلي وڃي ۽ هو ان کي هڪ ئي ڏينهن ۾ صدقو ۽ خيرات ڪري ڇڏي، پوءِ ان جي دِل ۾ اهو خيال اچي وڃي ته ڪاش! ڪجھ روپيا پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيان ها ته اهڙو شخص ”فَقر“ ۾ سچو نه آهي۔

حضرت ابوعلي دَقَّاقرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ هڪ حقيقي فقير آيو، تنهن کي اُن وارو لباس پاتل هو، حضرت ابوعلي دَقَّاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ شاگرد خوش طبعي ڪندي ان فقير کي چيو: اهو اُن وارو لباس ڪيتري جو خريد ڪيو اٿئي؟ هاڻي ٻڌو! اَصل فَقر ڇا ٿيندو آهي، ان فقير چيو: اهو اُن جو لباس مون دُنيا جي بدلي ۾ خريد ڪيو آهي ۽ مون کي چيو ويو ته آخرت جي بدلي ۾