Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

پئے حسین و حَسن، فاطمہ، علی حیدر                       ہمارے بگڑے ہوئے کام دے بنا یارَبّ!

ہماری بگڑی ہوئی عادتیں نکل جائیں                  ملے گُنَاہوں کے امراض سے شِفَا یارَبّ!

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو مختصر تعارف

اي عاشقان رسول ! بيان ڪيل حِڪايت تي غور ڪريو! مَاشَآءَ الله! شهزاديءِ مصطفيٰ، سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو شان ڪيترو بلند آهي جو ملائڪ سندن خدمت جي لاءِ حاضِر ٿيندا هئا۔

وہ خاتونِ جَنّت معصوم حُوریں باندیاں جن کی

مَلَک        جَنّت        سے        آکر        پیستے       تھے       چکیاں       جن      کی

سيدهءِ ڪائنات، سيدهءِ فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها اسان جي آقا وموليٰ مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سڀ کان ننڍي ۽ پياري  شهزادي آهي، هڪ قول جي مُطَابِق پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها اِعْلانِ نبوت جي پهرين سال جڏهن نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عُمْر مُبَارَڪ 41 سال هئي، مڪّهءِ مُڪرَّمَه ۾ پيدا ٿيون ۽ هڪ قول جي مُطَابِق سندن وِلادتِ باسعادت اِعلانِ نبوت کان 5 سال پهريان ٿي۔ (شَرْح الزَّرْقَانی، الفصل الثانی، جلد:4، صفحہ:331) پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جو مبارڪ نالو ”فاطمه“ الله پاڪ رکيو۔ جيئن حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ منهنجي نياڻي جو نالو الله پاڪ فاطمه رکيو، ڇوته ان کي الله پاڪ جهنّم کان پري ڪيو آهي۔ (سَبْلُ الْہُدی، ابواب:فضائل آل رسول، الباب التاسع، جلد:11، صفحہ:52) ۽ هڪ حديث شريف ۾ آهي: ان جو نالو فاطمه رکيو ويو ڇوته الله پاڪ ان کي ۽ ان سان عقيدت رکڻ وارن کي دوزخ کان آزاد ڪيو آهي۔ (کنْزُ الْعُمَال، کتاب:الفضائل، جزء:12، صفحہ:50، حدیث:34222)