Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

رَضِىَ اللهُ عَنْها کي ٽن پٽن ۽ 3 نياڻين جي اولاد هئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي پٽن جا نالا هي آهن: حَسَن، حُسَين، ۽ محسن رَضِىَ اللهُ عَنْهم۔ ۽ نياڻين جا مُبَارَڪ نالا هي آهن: زينب، اُمِّ ڪلثوم، رُقيه رَضِىَ اللهُ عَنْهنّ۔ (الاکمال فی اسماء الرجال، 718، فاطمۃ الکبری، صفحہ:87)

سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو وِصَالِ ظاهري سرڪارِ عالي وقار، مالڪ و مختارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وصالِ ظاهري کان 6 مهينا بعد 3 رمضان المبارڪ 11 هجري تي ٿيو۔ سندن مزارِ پاڪ جَنَّتُ البقيع ۾ آهي۔ (شرح الزرقانی، الفصل الثانی، جلد:4، صفحہ:336) الله پاڪ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي۔    اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

نبی کی لاڈلی، بیوی ولی کی، ماں شہیدوں کی

یہاں جلوہ نبوت کا، ولایت کا، شہادت کا

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جا ٻه اعليٰ وصف

اي عاشقانِ رسول ! هونئن ته سيده خاتونِ جنّت، حضرت فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي اوصافن ۽ فضائلن کي ڳڻپ ۽ شُمار ۾ نٿو آڻي سگھجي، عالم سڳورن سندن وصفن ۽ فضليتن تي ڪتابن جا ڪتاب لکيا آهن، ايتريون فضيلتون، ڪمال ۽ وصف آهن جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو۔ البت اچو! اسان پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جا 2 اعليٰ وصف ٻُڌي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، هنن ٻن وصفن مان پهريون وصف آهي: سيده پاڪ رَضِىَ اللهُ عَنْها جو فَقر ۽ ٻيو آهي: پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جو خير خواهي وارو جذبو۔

سيده ڪائنات رَضِىَ اللهُ عَنْها فَقر ۾ به ڪمال جي حيثيت رکنديون هيون ۽ خيرخواهي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هيون۔