Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون    

حديثِ پاڪ ۾ آهي:اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت افضل ترين عمل آهي. )بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1 (

 اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلْم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! رمضان المبارڪ جي بابرڪت، پُر نور، پُر بهار گھڙيون آهن، رَحمتن جي ڇماڇم برسات آهي، هر گھڙي برڪت ڀري آهي، خوش نصيب آهن اهي جيڪي ظاهري ۽ باطني آداب سان روزا رکن، خوش دِلي سان 20 رڪعتون تراويح پڙھن، سحر وافطار جون برڪتون ماڻي رَمضان المبارڪ جون بهارون حاصِل ڪري رهيا آهن ۽ انتهائي محروم ۽ بدقسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي انهن مُبَارَڪ گھڙين ۾ به نيڪين کان محروم آهن، روزا نٿا رکن، تراويح نٿا پڙھن يا پڙھن ته ٿا پر پوريون نٿا پڙهن، بخشش ۽ مغفرت ۽ رحمت جي هن عظيمُ الشّان مهيني ۾ به الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ کان پري آهن۔ ٻنهي جهانن جي سلطان، شهنشاھ ڪون ومڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: منهنجي اُمَّت ذليل ۽ رُسوا نه ٿيندي جيستائين هو رمضان جو حق ادا ڪندي رهندي۔ عرض ڪيو ويو: يا