Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

پيارا اسلامي ڀائرو! 3 رمضان المبارڪ تي الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري نياڻي، سيده ڪائنات، خاتونِ جَنّت، حضرت سيده فاطمة الزهراء، طيبه، طاهره، عابده، زاهده رَضِىَ اللهُ عَنْها جو عُرسِ مبارڪ آهي، تنهنڪري اڄ اسان سيده خاتونِ جنّت رَضِىَ اللهُ عَنْها جي سيرتِ پاڪ جا ڪجھ روشن پهلو ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔ اچو! پهريان هڪ ايمان افروز حِڪايت ٻڌون ٿا.

ملائڪ جَنڊ هلائڻ لاءِ حاضِر ٿيا

حضرت اُمِّ اَيمن رَضِىَ اللهُ عَنْها صحابيه آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها رسولِ ڪريم جي والدِ گرامي حضرت عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنْه جون ٻانهيون هيون، پوءِ سندن وصَال کان پوءِ وراثت طور نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ آيون، پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ننڍپڻ ۾ حضرت اُمِّ ايمن رَضِىَ اللهُ عَنْها تمام گهڻي خدمت جي سَعَادت حاصِل ڪئي، ان ڪري حُضُورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائيندا هئا: اُمِّ اَيمن منهنجي ٻيء ماءُ آهي۔ (اصابہ،جلد:8، صفحہ:359)

حضرت اُمِّ ايمن رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: هڪ ڀيري سخت گرمي جا ڏينهن هئا، رمضان المبارڪ جو مهينو هو ۽ منجھند جو وَقت هو، مان خاتونِ جَنّت سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي گھر ويس، دروازو بند هو ۽ اندران جنڊ هلڻ جو آواز اچي رهيو هو۔

   اڳوڻي دَور ۾ اَن پيهي اٽو بنائڻ جي لاءِ پٿر جو جنڊ استعمال ڪيو ويندو هو ۽ ان کي هٿ سان هلايو ويندو هو، جنڊ هلڻ جي آواز جو مطلب اهو هو ته سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها گھر ۾ مَوجُود آهن ۽ جنڊ تي اَن پيهي رهيون آهن پر مُعَاملو ان جي برخلاف هو، جيئن دروازي جي سوراخ مان حضرت اُمِّ اَيمن رَضِىَ اللهُ عَنْها جي نگاھ اندر پئي ته اهو ڏسي حيران ٿي ويون ته جنڊ  پاڻهي هلي رهيو آهي، ۽ ان ۾ ان پيسجي رهيو آهي، ڀرسان ئي حسنينِ ڪريمين (امام حسن و امامِ حسين
رَضِىَ اللهُ عَنْهما) پينگھي ۾ آرام فرمائي رهيا آهن ۽ انهن جو پينگھو به هلي رهيو