Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

وڪڻي ڇڏيو ته مون ان کي فروخت نه ڪيو۔

مطلب اهو ته مون اهو اُوني لباس رِضاءِ الٰهي جي لاءِ پاتو آهي، هاڻي هن جي بدلي دُنيا ته ڇا جنّت به ملي ته به راضِي نه ٿيندس ڇوته مون کي جنّت بنائڻ وارو الله پاڪ گهرجي۔ (رسالہ قشیریہ، صفحہ:480)

اهو آهي اَصل فَقر، اهو فَقر جڏهن ٻانهي کي نصيب ٿي وڃي ته ”خيرخواهيءِ مسلم“ جو جذبو به خود بخود دِل ۾ پيدا ٿي ويندو آهي۔ سيده ڪائنات حضرت فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها انهيء معني جي لحاظ سان ”فَقْر“ ۾ ڪمال حيثيت رکڻ واريون خاتون هيون۔

سلطان الفقر حضرت شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: فَقر جي انتهائي درجي تي پهچي انسان ”فَنَا فِي الله“ ٿي ويندو آهي، پوءِ حالت اها هوندي آهي جو ”لَایَحْتَاجُ اِلیٰ رَبِّہٖ وَلَا اِلیٰ غَیْرِہٖ يعني پوءِ ٻانهو نه پنهنجي رَبّ کان پنهنجي لاءِ ڪجھ گھرندو آهي نه ان کان عِلاوه ڪنهن کان ڪا حاجت رکندو آهي بلڪه الله پاڪ جنهن حال ۾ رکي انهيء ۾ خوش رهندو آهي۔ شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: جيڪي ماڻهو فقر جي هن اعليٰ رُتبي تي پهتا آهن انهن ۾ هڪ وڏو نالو خاتونِ جنّت حضرت فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها جو آهي۔ (رسالہ روحی شریف، صفحہ:9-12)

نبی کے دِل کی راحت اور علی کے گھر کی زینت ہیں

بیاں کس سے ہو ان کی پاک طینت، پاک طلعت کا

 حضرت فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها جي خير خواهي جو جذبو

امامِ حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه سيده خاتون جنّت رَضِىَ اللهُ عَنْها جا وڏا شهزادا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: مان پنهنجي والِدهءِ محترمه کي اڪثر ڏسندو هيس ته، رات جو مسجدِ بيت جي محراب (يعني گھر ۾ نماز پڙھڻ جي مخصوص هنڌ) ۾ نماز پڙھنديون رهنديون هيون ايستائين جو فجر نماز جو وَقت ٿي ويندو هو۔ (مدارج النبوة، قسم پنجم، ذكر اولاد كرام،سیدہ فاطمہ الزہرا ،2/461)