Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

رمضان المبارڪ ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه روزانو 2 مدني مذاڪرا ڪندا آهن (يعني عاشقانِ رسول جي سوالن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن) ، هڪ مدني مذاڪرو عصر کان پوءِ ۽ هڪ نمازِ تراويح کان پوءِ۔ 3 رمضان المبارڪ تي به اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم مدني مذاڪري جو سلسلو ٿيندو، هن ۾ به لازمي شرڪت ڪريو۔ الله پاڪ اسان کي عِلم ۽ عمل جي توفيق عطا فرمائي ۽ شهزاديءِ مصطفيٰ، سيده خاتون جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها جو فيضان نصيب فرمائي۔         

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاه نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجنَّة جنهن منهنجي سُنّت کان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکوٰۃ،ایمان کی کتاب، کتاب وسُنت کو مضبوط تھامنے کا باب، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 ”اِستِعَاذَه (الله پاڪ جي پناھ گھرڻ) “ سُنت آهي

فرمانِ آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو ڏينهن ۾ 10 ڀيرا شيطان مردود کان الله پاڪ جي پناھ گھري ٿو، الله پاڪ ان سان گڏ هڪ ملائڪ مقرر ڪندو آهي جيڪو ان ٻانهي کان شيطان کي پري ڪندو آهي۔ (مُسْنَدِابویعلیٰ،صفحہ:320، حدیث:4114)

اي عاشقانِ رسول! ”اِستعاذه يعني الله پاڪ جي پناھ گھرڻ“ سُنَّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي۔ اسان جا آقا و موليٰ، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شيطان مردود کان عِلاوه ٻين کوڙ آفتن کان الله پاڪ جي پناھ گھرندا هئا، مثال طور