Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

* پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُخل (يعني ڪنجوسي) کان الله پاڪ جي پناھ گھرندا هئا * جُبۡن يعني بزدلي کان الله پاڪ جي پناھ گھرندا هئا، * ڪَسۡل يعني سُستي کان الله پاڪ جي پناھ گھرندا هئا، * هرَمۡ يعني لاچار ڪرڻ واري پوڙهائپ کان پناھ گھرندا هئا * اهڙي طرح پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عذابِ قبر ۽ دجَّال جي فتني کان به الله پاڪ جي پناھ گھرندا هئا۔ (بستان الواعظین، صفحہ:10-11)

اي عاشقانِ رسول! اسان جا پيارا آقا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته بيشڪ الله پاڪ جا محبوب آهن، يقيناً رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بخشل بخشايل آهن، فتنا مٽائڻ وارا آهن، الله پاڪ سندن جي حِفَاظَت جو وعدو فرمايو آهي، يقيناً رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مختلف آفتن کان پناھ گھرڻ اُمَّت جي تعليم ئي جي لاءِ هو، لهٰذا اسان کي گھرجي ته شيطان مردود کان، گُنَاهن کان ۽ هر شيء جي شَر کان الله پاڪ جي پناھ گھرون۔ جيڪو الله پاڪ جي پناھ گھري ٿو، الله پاڪ ان کي پناھ عطا فرمائي ٿو۔ اسان چوندا آهيون: مَعَاذَ الله هن جي معني آهي: الله پاڪ جي پناھ۔ اهڙي طرح ”اَعُوْذُ بِالله مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجِيم“ پڙھو، يا پنهنجي مادري زبان ۾ ئي چئو: مان شيطان جي شر کان، بخل کان، عذابِ قبر کان، ڪفر کان، گُنَاهن کان ۽ هر شيء جي شر کان الله پاڪ جي پناھ گھران ٿو۔

الله پاڪ اسان سڀني کي سُنتن تي عمل ڪرڻ وارو بڻائي۔      اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع پڙهيا ويندڙ درود شريف

)1 (جمعه جي رات جو دُرُود