Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

المبارڪ سٺي طرح سان نٿا گذاري سگھن، انهن جي اسان مدد ڪريون، انهن جي خير خواهي ڪيون ته ڪيتريون نيڪيون ۽ اهي به رمضان ۾ ڪمائڻ جي سعادت اسان حاصِل ڪنداسين۔ الله پاڪ سيده فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها جي صدقي اسان کي فقر اختيار ڪرڻ، مسلمانن جي خير خواهي ڪندي، گُنَاهن کان بچندي سڄو رمضان نيڪين ۾ گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي۔  

 اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

مانندِ شمع تیری طرف لو لگی رہے

دے لُطف میری جان کو سوز و گُداز کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”فيضان گلوبل ريليف فاؤنڊيشن“ جو تعارف

 اي عاشقانِ رسول! تقوي و پرهيز گاري حاصِل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي خيرخواهي جو ذِهن بنائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْحَمْدُ لله! دعوتِ اسلامي اسان کي همدردي ۽ خيرخواهي جا بي شُمار موقعا فراهم ڪري ٿي۔ دعوتِ اسلامي جو هڪ ڊپارٽمنٽ آهي: ”فيضانِ گلوبل ريليف فاؤنڊيشن (FGRF)“ هن ڊيپارٽمنٽ تحت * اوچتو ايندڙ آفتن جي موقعي تي، مشڪل حالتن ۾ مسلمانن جي مدد ڪئي ويندي آهي، جيئن ڪرونا جي ڪري لاڪ ڊاؤن جي دوران هن ڊپارٽمنٽ تحت گذريل سال تقريباً 25 لک ماڻهن ۾ رقم ۽ خوراڪ، کاڌي پيتي جو ضروري سامان ورهايو ويو، جنهن جي مجموعي ماليت تقريباً 70 ڪروڙ روپيا ٿئي ٿي۔ * اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ جتي جتي حاجت آهي، اتي کوھ ۽ سولر پمپ وغيره لڳرايا ويندا آهن، هن وقت تائين تقريباً 400 کان وڌيڪ کوھ ۽ سولر پمپ لڳايا ويا آهن * ٿيليسيميا (Thalassemia) ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن