Book Name:Andheri Qabar

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي”انڌيري قبر“ جنهن ۾ اسان موت اچڻ ۽ ان کان پوءِ قبر ۾ پيش ايندڙ معاملن جي باري ۾ ٻڌنداسين۔

ننڍڙي ٻارڙيءَ جو  فرياد

          جليلُ القدر تابِعي بزرگ حضرت سيدنا حَسَن بَصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي گھر جي دروازي تي تشريف فرما هئا ته اتان هڪ جنازو گذريو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به اٿيا ۽ جنازي جي پٺيان هلڻ لڳا۔ جنازي جي هيٺان هڪ ننڍڙي ٻارڙي زارو قطار روئندي تيز هلي رهي هئي، اها چئي رهي هئي؛ اي بابا سائين! اڄ مون تي اهو وقت آيو آهي جيڪو پهريان ڪڏهن نه آيو هو۔ حضرت سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن اهو درد ڀريو آواز ٻڌو ته اکيون اشڪبار، دل بيقرار ٿي وئي، شفقت وچان ان يتيم ۽ غمگين ٻارڙيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ فرمايائون؛ نياڻي! توتي نه بلڪ تنهنجي مرحوم بابا تي اهو وقت آيو آهي جيڪو اڄ کان پهريان ڪڏهن نه آيو هو۔ ٻئي ڏينهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ننڍڙي ٻارڙيءَ کي ڏٺو ته ڳوڙها ڳاڙيندي قبرستان ڏانهن وڃي رهي آهي۔ حضرت سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي پٺيان هلڻ لڳا۔ قبرستان پهچي ڪري ننڍڙي