Book Name:Andheri Qabar

ويهندا آهن ته انهن کي ملائڪ گھيري وٺندا آهن، رحمتِ الٰهي انهن کي پنهنجي آغوش ۾ وٺندي آهي ۽ انهن تي سڪينو نازل ٿيندو آهي۔

(مسلم، ڪتاب الذڪر و الدعاء …الخ ، باب فضل الاجتماع علي تلاوة…الخ، ص۱۱۱۱، حديث:۲۷۰۰)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قبر ۾ ڪم ايندڙ چئن (4) نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌو، حضرت علامه فقيه ابُواللَّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان ڪيل روايت جي مطابق 4 بُرا عمل اهڙا به آهن جو قبر ۾ سلامتي جي لاءِ انهن کان بچڻ بيحد ضروري آهي، اچو! ٻڌون ٿا ته اهي 4 عمل ڪهڙا ڪهڙا آهن؟

پهريون عمل ڪوڙ

  رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڪوڙ گُناھ ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ گُناھ جهنَّم ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ بيشڪ ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي، ايستائين جو الله پاڪ جي ويجھو ڪذّاب يعني تمام وڏو ڪوڙو ٿي ويندو آهي۔ (بخاري ، ڪتاب الادب، باب قول الله تعاليٰ يا اَيھَا الَّذِينَ…الخ، ۴/۱۲۵، حديث:۶۰۹۴) يعني هر هر ڪوڙ ڳالهائڻ ٻانهي کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ رُسوا ڪندو آهي۔

ٻيو عمل خيانت

          ٻيو اهو عمل جنهن سان بچڻ ٻانهي کي قبر ۾ فائدو ڏئي سگھي ٿو اها آهي خيانت۔ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جيڪو شخص پنهنجي ڀاءُ کي ڪنهن معاملي ۾ مشورو ڏئي جڏهن ته ان کي خبر آهي ته دُرستگي ان کان علاوه ۾ آهي ته هن ان سان سان خيانت ڪئي۔ (ابوداؤد،ڪتاب العلم،باب ڪراھية منع العلم،۳/۴۴۹، حديث:۳۶۵۷) يعني جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن سان مشورو ڪري ۽ مشورو ڏيڻ وارو ڄاڻي واڻي غلط مشورو ڏئي ته جيئن مشورو وٺڻ وارو مصيبت ۾ ڦاسي پوي ته اهڙو مشير (يعني مشورو ڏيڻ وارو) پڪو خائن(يعني خيانت ڪرڻ وارو) آهي۔

 (مراة المناجيح،۱/۲۱۲)

 الله پاڪ اسان کي هر قسم جي خيانت کان محفوظ فرمائي۔ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه اُمّتِ مُسلِمه جي خيرخواهي ڪندي سمجھائڻ جي ڪوشش فرمائي