Book Name:Andheri Qabar

هڪ ڏينهن مرڻو آهي آخر موت آهي!

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! زِندگي موت جي اَمانت آهي هر اها ذِي رُوح جو جنهن جاندار زِندگي جو جام پي ورتو آهي، ان کي موت جو پيالو به پيڻو آهي۔ اَمير هجي يا غريب، بادشاھ هجي يا وزير، چوڪيدار هجي يا دُڪاندار، پروفيسر هجي يا اڻ پڙھيل، عالِم هجي ياغيرِ عالِم، پير هجي يا فقير، مُسلم هجي يا غير مُسلم جنهن به حيثيت وارو ڪوبه انسان هجي، ان کي ضرور موت جو مزو چکڻو پوندو۔ اسان دُنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پهچي وڃون ۽ پنهنجي طور تي موت کان بچڻ جي لاءِ چاهي ڪيترو ئي انتظام ڪريون، پر موت کان ڪنهن صورت ۾ پيڇو ڇڏائي نٿا سگھون.

      قرآنِ ڪريم ۾ اهو ئي مضمون ڪيئي هنڌن تي بيان ٿيو آهي۔ جيئن سيپاري 4 آلِ عِمرٰن جي آيت نمبر 185 ۾ اِرشاد آهي۔

كُلُّ  نَفْسٍ   ذَآىٕقَةُ  الْمَوْتِؕ- (پ ۴، آلِ عمران: ۱۸۵)

ترجمو ڪنزالايمان: هر ساهه واري کي موت چکڻو آهي

      مُفسّر قرآن، مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي حوالي سان فرمائن ٿا: اِنسان هجن يا جنّ يا ملائڪ، الله پاڪ کان سِوا هر هڪ کي موت اچڻو آهي ۽ هر شيء فاني آهي۔ (نور ُالعرفان ،ص۱۱۷)

جڏهن ته قرآنِ پاڪ ۾ هڪ ٻي هنڌ تي سيپاري 5 سُورَة النِّساء جي آيت نمبر 78 ۾ ارشاد آهي:

اَیْنَ مَا تَكُوْنُوْا یُدْرِكْكُّمُ الْمَوْتُ وَ لَوْ كُنْتُمْ فِیْ بُرُوْجٍ مُّشَیَّدَةٍؕ- (پ ۵، النساء:۷۸)

تَرجمو ڪنز الايمان: توهان جاٿي به هُجو موت توهان کي اچِي پُهچندو جيتوڻِيڪ مضبُوط قلعن ۾ هُجو

      هن آيت سڳوري جي حوالي سان تَفسيرِ نعيمي ۾ آهي ته هر شخص جي موت جو وَقت، موت جو هنڌ مُقَرَّر آهي، ڪو ان کان ڪنهن تدبير ۽ ڪنهن