Book Name:Andheri Qabar

شيء نماز آهي۔ الله جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جيڪو نمازن جي لاءِ بهتر طَريقي سان وضو ڪري ۽ انهن کي انهن جي وَقت ۾ اَدا ڪري ۽ ان جا رُڪوع وسُجود، خُشُوع سان پورا ڪري ته الله پاڪ جي ذمّهءِ ڪرم تي آهي ته ان جي بخشش فرمائي ڇڏي۔ (ابوداؤد ، ڪتا ب الصلوة ، با ب المحا فظة علي وقت الصلوات،۱/ ۱۸۶، حديث: ۴۲۵)

ٻيو عمل صدقو ڏيڻ

          قبر جي اونداهي کي روشني ۾ ۽ قبر جي وحشت کي اطمينان ۽ سڪون ۾ بدلڻ جو هڪ ٻيو عمل الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪرڻ به آهي۔ فرمانِ مصطفيٰ آهي: اِنَّ الصَّدَقَة لَتُطْفِئُ عَلٰي اَهلِها حَرَّ الْقُبُوْرِ بيشڪ صَدَقو ڪرڻ وارن کي صَدَقو قَبر جي گرمي کان بچائي ٿو وَ اِنَّمَا يسْتَظِلُّ الْمُؤْمِنُ يوْمَ الْقِيامَة فِي ظِلِّ صَدَقَتِهٖ، ۽ بيشڪ مُسَلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صَدَقي جي ڇانوَ ۾ هوندو۔

(شُعَبُ الايمان، باب الزڪاة، التحريض علي صدقة التطوع،۳/۲۱۲، حديث:۳۳۴۷)

دعوتِ اسلامي کي عطيات ڏيو

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عاشقانِ رسول جي مسجد ڀريو مدني تحريڪ ”دعوتِ اسلامي“ جي سڄي دُنيا ۾ ڌوم ڌام آهي، دعوتِ اسلامي خدمتِ دِين جي ڪم وبيش 107 شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، انهن شعبن ۾ جامعة المدينه (للبنين و للبنات) به آهي، جنهن جي ذريعي هينئر تائين هزارين عالم سڳورا تيار ٿيا ۽ پنهنجي خدمتن کي مختلف شعبن (Departments) ۾ پيش ڪري دِينِ اسلام جي سربُلندي ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري رهيا آهن، اهڙي طرح هزارين اسلامي ڀينرون به عالمه ڪورس (درسِ نظامي) ڪري ڪيئي شعبن ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪن پيون، مدرسة المدينه (للبنين و للبنات) مان به هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون حفظِ قرآن جي سعادت ماڻي چڪيون آهن۔ صرف جامعة المدينه (للبنين و للبنات) ،مدرسة المدينه (للبنين و للبنات) ۽ مدني چينل جا سالانه اخراجات ڪروڙين نه اربين روپين ۾ آهن۔ رجب، شعبان ۽ رمضان ۾ ته هونئن ئي ماڻهو عام ڏينهن کان وڌيڪ صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ڏانهن مائل