Book Name:Andheri Qabar

روزانو محاسبو ڪرڻ جو اِنعام

          اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌو، جيئن هڪ اسلامي ڀاءُ مدني قافلي ۾ هو ان دوران جنابِ رِسالت مَآب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف فرما ٿيا۔ اڃان جلوئن ۾ ئي گُم هو جو مبارڪ چپن کي جُنبِش ٿي، رَحمت جا گل ٽرڻ لڳا ۽ لفظ ڪجھ هن طرح ترتِيب ۾ آيا: ”جيڪي مَدَني قافِلي ۾ روزانو مدني انعامات جي ذريعي پنهنجو محاسبو ڪندا آهن مان اُنهن کي پاڻ سان گڏ جَنَّت ۾ وٺي ويندس.“

مِرے تم خَواب میں آؤ،مِرے گھر روشنی ہوگی                                                                  مِری قسمت جگا جاؤ،عِنایت یہ بڑی ہوگی

مجھے گَر دِید ہوجائے،تو میری عِیْد ہوجائے                                                            تِرا دِیدار جب ہوگا، مجھے حاصِل خوشی ہوگی

میں بَن جاؤں سَراپا ”مَدَنی اِنْعَامات“ کی تَصویر                                                                   بَنُوں گا نیک یااللہ اگر رَحمت تِری ہوگی

(وسائل بخشش مُرَمَّمْ،ص۳۹۱-۳۹۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم ايندڙ عمل

   اسان کي گھرجي ته اسان دنيا ۾ اهڙن ڪمن کان بچون جيڪي قبر ۾ مشڪلات جو سبب بڻجن ۽ اهڙن ڪمن جي رغبت رکون جيڪي قبر ۾ به ڪم اچن ۽ آخرت به بهتر ٿئي۔

    حضرت سَيدُنا فقيه ابُوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو قبر جي تنهائي ۽ گھٻراهٽ کان بچڻ چاهي ٿو ته ان کي گهرجي ته چئن شين کي اختيار ڪري ۽ چئن شين کان پاسو ڪري۔ جيڪو به ائين ڪندو اهو قبر جي تنهائي ۽ گھٻراهٽ کان بچي ويندو۔

پهريون عمل نماز

      اهي چار شيون جن کي اختيار ڪرڻو آهي، انهن مان سڀ کان پهرين