Book Name:Andheri Qabar

رهيا آهن ته

جو دُکانیں خِیانت سے چمکائیں گے!                                                                                کیا اُنہیں زَر کے اَنبار کام آئیں گے؟

قہرِ قَہّار سے کیا بچا پائیں گے؟                               جی نہیں، نارِدوزخ میں لے جائیں گے

مالِ دنیا ہے دونوں جہاں میں وبال                                                                                   آئیگا قَبر میں ساتھ ہرگز نہ مال

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۶۵۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ٽيون عمل چُغلي

اسان انهن عملن جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون جن کان بچڻ قبر ۾ راحت و سڪون جو سبب ٿيندو آهي، انهن مان هڪ چُغلي به آهي۔ ماڻهن ۾ فساد ڪرائڻ جي لاءِ اُنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي تائين پهچائڻ چغلي آهي۔ (شرح مسلم للنووي، ڪتاب الايمان،باب بيان غلظ تحريم النمية،۲/۱۱۲) الله جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: الله پاڪ جا بُرا ٻانها اهي آهن جيڪي چُغل خوري ڪن ٿا، دوستن ۾ جُدائي ڪرائن ٿا ۽ نيڪ ماڻهن جا عيب تلاش ڪن ٿا۔ (مسند احمد،مسند الشاميين، ۶/ ۲۹۱، حديث ۱۸۰۲۰) لهٰذا اسان کي چغل خوري کان بچڻ گھرجي.

الله پاڪ اسان کي چُغلي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔    آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

چوٿون عمل پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙا ڪم جيڪي قبر جي عذاب جو سبب ٿي سگھن ٿا، انهن مان چوٿون ڪم پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ آهي۔ پنهنجي ڪپڙن ۽ بدن جي پاڪي جو خيال نه رکڻ يقيناً هڪ خراب عادت آهي، جيڪا ٻانهي کي ڪيئي دِيني فائدن کان محرومي سان گڏوگڏ عذابِ قبر ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿي۔ اچو انهيء حوالي سان نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون مبارڪ