Book Name:Andheri Qabar

مون کي پنهنجي بابا جي ملاقات کان محروم نه ڪجانءِ۔

حضرتِ سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون اهي ڳالهيون ٻڌي ان ٻارڙيءَ عرض ڪيو؛ اي منهنجا سردار! توهان جي نصيحت ڀرين ڳالهين مون کي غفلت مان سجاڳ ڪري ڇڏيو آهي۔ ان کانپوءِ اها مدني مني روئندي حضرتِ سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ واپس موٽي آئي۔

(المواعظ العصفوريةلابي بڪر بن محمد العصفوري،مترجم ص ۱۱۸بتصرف مڪتبهٔ اعليٰ حضرت )

آنکھیں رو رو کے سوجانے والے                                                                  جانے والے نہیں آنے والے

کوئی دن میں یہ سرا اُوجڑ ہے                                                                                               ارے او چھاؤنی چھانے والے

نفس! میں خاک ہوا تو نہ مٹا                                                                                                          ہے! مری جان کے کھانے والے

شعرن جي وضاحت: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪنهن وڇڙي وڃڻ واري جي غم ۾ روئڻ وارا! ياد رک ته جيڪو هليو ويو اهو واپس نه موٽندو۔ بلڪه هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو محلات به تباھ ٿي ويندا ۽ معمولي جھوپڙي به برباد ٿي ويندي، دنيا جي هن مسافر خاني ۾ مستقل رهڻ جا خواب ڏسڻ وڏي حماقت آهي۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: اي نفس! تو کي سمجھائي سمجھائي منهنجي دل سڙي خاڪ ٿي وئي آهي پر توکي سمجھ نه آئي، اي منهنجي جان جا ويري! توکي خدا ئي سمجھائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قبرون بظاهر هڪ جهڙيون آهن پر۔۔۔

       اي عاشقانِ رسول! ڪڏهن نه ڪڏهن ته قبرستان وڃڻ جو اتفاق ٿيو هوندو۔ اهي قبرون جيڪي مٿان کان هڪ جهڙيون نظر اچن ٿيون ضروري ناهي ته انهن جون اندروني حالتون به ساڳيون هجن، جِي ها ان مٽي جي ڍير هيٺان دفن ٿيڻ وارو جيڪڏهن ڪو نمازي هيو، رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ وارو هيو، سڄو رمضان مبارڪ جو مهينو يا گهٽ ۾ گهٽ آخري عشري جو اعتڪاف