Book Name:Andheri Qabar

هوندا آهن۔ تنهنڪري اسان پاڻ به دعوتِ اسلامي جي سمورن مدني ڪمن جي لاءِ زڪوٰة و صدقات ۽ مدني عطيات جمع ڪرايون ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي رِشتيدارن، پاڙيسرين ۽ دوستن تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جون فضيلتون ٻڌائي انهن کان به مدني عطيات (چندو/ فنڊ) گڏ ڪرڻ جي ڀرپورڪوشش ڪريون۔ حضرتِ سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، مڪي مديني جي تاجدار، ٻنهي جھانن جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪڏهن سؤ هٿن مان صَدَقو گذريو ته سڀني کي اوترو ئي ثواب ملندو جيترو ڏيڻ واري جي لاءِ آهي ۽ ان (ڏيڻ واري) جي اَجر ۾ ڪا ڪمي نه ٿيندي۔ (تاريخ بغدادج۷ص۱۳۵رقم۳۵۶۸)  

ٽيون عمل تِلاوتِ قرآن ڪرڻ

          اي عاشقانِ رسول! اسان قبر ۾ ڪم ايندڙ عملن بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ انهن مان هڪ تلاوتِ قرآن به آهي۔ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا ڪريو ڇوته اهو قيامت جي ڏينهن پنهنجي پڙھڻ وارن جي شَفاعت ڪرڻ جي لاءِ ايندو۔ (صحيح مسلم ،ڪتاب فضائل القرآن ،ص۴۰۳ح۸۰۴) هڪ ٻئي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته ٽن قسم جا ماڻهو بروزِ قيامت ڪاري مشڪ جي دڙن تي هوندا، انهن کي ڪنهن قسم جي گھٻراهٽ نه ٿيندي، نه انهن کان حساب ورتو ويندو۔ (انهن مان هڪ) اهو شخص آهي جنهن رِضاءِ الٰهي جي لاءِ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي ۽ ماڻهن جي اِمامت ڪئي جڏهن ته اهي ان سان خُوش هجن۔‘‘ (شعب الايمان ج۲ ص ۳۴۸ح:۲۰۰۲) الله پاڪ اسان کي تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔    اٰمِيۡن   بِجَاهِ   النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن   صَلَّى  اللّٰهُ  عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

چوٿون عمل الله پاڪ جو ذِڪرڪرڻ

حضرت علامه فقيه ابُواللَّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان ڪيل قبر ۾ ڪم ايندڙ عملن مان چوٿون عمل ذِڪرِ الٰهي آهي۔ اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جڏهن به ماڻهو الله پاڪ جي ذڪر جي لاءِ