Book Name:Andheri Qabar

صاف سٿرو ئي آهي؟ پيارا بابا! توهان کي قبر ۾ صحيح سلامت جسم سان رکيو ويو هو، ڇا اڃان تائين جسم سلامت آهي يا ان کي ڪيڙن ماڪوڙن کائي ڇڏيو آهي؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته قبر جي پهرين رات ٻانهي کان ايمان جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو ته ڪو جواب ڏيندو ۽ ڪو مايوس رهندو ته توهان ان سوال جو صحيح جواب ڏنو يا ناڪام ٿي ويؤ؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته ڪن مُردن تي قبر ڪشاده ٿي ويندي آهي ۽ ڪن تي تنگ، ته توهان تي قبر تنگي ڪئي آهي يا ڪشادگي؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته ڪنهن ميت جي ڪفن کي جنتي ڪفن سان ۽ ڪنهن جي ڪفن کي جهنمي باھ جي ڪفن سان بدلايو ويندو آهي ته توهان جو ڪفن باھ سان بدلايو ويو آهي يا جنتي ڪفن سان؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته قبر ڪنهن کي اهڙي طرح دٻائيندي آهي جهڙي طرح ماءُ پنهنجي وڇڙيل پٽ کي شفقت وچان سيني سان لائيندي آهي ۽ ڪنهن کي غضب ناڪ ٿي ايتري زور سان چيڀاٽيندي آهي جو ان جون پاسراٽيون ٽٽي هڪ ٻئي سان ملي وينديون آهن ته قبر توهان کي ماءُ وانگر نرميءَ سان ڳلي لڳايو، يا پاسراٽيون ڀڃي ڇڏيون؟ پيارا بابا! عالم سڳورا فرمائن ٿا ته مُردي کي جڏهن قبر ۾ لاٿو ويندو آهي ته اهو ٻنهي صورتن ۾ پڇتائيندو آهي، جيڪڏهن نيڪ ٻانهو آهي ته ان ڳالهه تي پڇتائيندو آهي ته ان گھڻيون نيڪيون ڇونه ڪيون ۽ جيڪڏهن گنهگار آهي ته ان لاءِ پڇتائيندو ته گناھ ڇو ڪيا؟ پيارا بابا! توهان نيڪين جي گھٽ هئڻ جي ڪري پڇتايو يا گناهن تي؟ پيارا بابا! ڪالهه تائين جڏهن مان توهان کي سڏيندي هيس ته مون کي جواب ڏيندا هيؤ، اڄ مان ڪيتري بدنصيب آهيان جو قبر جي سيراندي کان توهان کي سڏي رهي آهيان پر مون کي توهان جي جواب جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي! پيارا بابا! توهان ته مون کان اهڙا جدا ٿي ويؤ جو قيامت تائين ٻيهر وري نه ملي سگھندؤ۔ اي ربّ ڪريم قيامت جي ميدان ۾