Book Name:Andheri Qabar

ٻارڙي پنهنجي مرحوم والد جي قبر وٽ ويهي رهي، حضرت سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ وڻ جي اوٽ ۾ بيهي رهيا۔ اها ننڍڙي ٻارڙي پنهنجا ڳل مٽيءَ تي رکي روئي ڪري چوڻ لڳي؛ پيارا بابا! توهان انڌيري ۾ ڏيئي ۽ ڪنهن ساٿيءَ بنا قبر جي پهرين رات ڪيئن گذاري؟ پيارا بابا! ڪالهه رات ته مون گھر ۾ توهان جي لاءِ ڏيئو ٻاريو هو، اڄ رات قبر ۾ ڏيئو ڪنهن ٻاريو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات گھر ۾ مون توهان جي لاءِ بسترو وڇايو هو، اڄ رات قبر ۾ بسترو ڪنهن وڇايو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات گھر ۾ مون توهان جي هٿن پيرن کي زور ڏنا ها اڄ رات قبر ۾ هٿن پيرن کي ڪنهن زور ڏنا هوندا! پيارا بابا! ڪالهه رات گھر ۾ مون توهان کي پاڻي پياريو هو، اڄ رات قبر ۾ جڏهن اُڃ لڳي هوندي ۽ توهان پاڻي گھريو هوندو ته پاڻي ڪنهن پياريو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات ته توهان جي جسم تي چادر مون رکي هئي اڄ رات ڪنهن رکي هوندي! پيارا بابا! ڪالهه رات ته گھر جي اندر توهان جي چهري تان پگھر مان اگھندي رهي هيس اڄ رات قبر ۾ پگھر ڪنهن صاف ڪيو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات تائين ته توهان مونکي جڏهن به سڏيو مان ايندي هئس، اڄ رات قبر ۾ توهان ڪنهن کي سڏيو هوندو ۽ توهان جو سڏ ٻڌي ڪير آيو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه رات تائين جڏهن توهان کي بک لڳي هئي ته مان ماني کڻي آئي هيس، اڄ رات جڏهن قبر ۾ بک لڳي هوندي ته کاڌو ڪنهن ڏنو هوندو! پيارا بابا! ڪالهه تائين ته مون توهان جي لاءِ مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪيا هئا، اڄ قبر ۾ پهرين رات ڪنهن تيار ڪيا هوندا!

حضرت سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه غمگين ۽ ڏکايل مدني منيءَ جون اهي درد ڀريون ڳالهيون ٻڌي روئي پيا ۽ ويجھو وڃي فرمايو؛ اي نياڻي! ائين نه بلڪ هينئن چئو؛ پيارا بابا! دفن ڪرڻ وقت توهان جو چهرو قبلي ڏانهن ڪيو ويو هو، ڇا هاڻي به انهيءَ حالت ۾ آهي يا ٻئي طرف چهرو ڦيريو ويو آهي؟ پيارا بابا! توهان کي صاف سٿرو ڪفن پارائي دفن ڪيو ويو هو ڇا اهو اڃان تائين