Book Name:Andheri Qabar

هڪ مريض نزع جي حالت ۾ هو (يعني اُن جو روح جسم مان نڪرڻ وارو ئي هو)، ان جو دوست عيادت جي لاءِ آيو ۽ ڏسي پڇيائين! اي دوست، سڪرات (موت جي وقت پساھ نڪرڻ) جي ڪؤڙاڻ جو ڇا حال آهي؟ جواب ڏنائين: مون کي ڪا تڪليف محسوس نه پئي ٿئي، ڇوته مون عالم سڳورن کان ٻڌو آهي ته جيڪو شخص حبيبِ خدا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪري، ان کي الله پاڪ موت جي ڪؤڙاڻ  کان امن ڏيندو آهي۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً اهي ماڻهو ڏاڍا خُوش نصيب آهن جيڪي اٿندي، ويهندي، هلندي ڦِرندي، سمهندي جاڳندي، وضو بي وضو، درود پڙھندا ئي رهندا آهن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ڪثرتِ درود جي سعادت حاصل ڪرڻ جي برڪت سان نزع جون سختيون آسان ٿي وينديون ۽ قبر و آخرت جون منزلون به آساني سان طئي ٿينديون۔

 اي ڪاش! اسان جو انداز به اهڙو ٿي وڃي جو ۔۔۔

 

بیٹھتے اُٹھتے جاگتے سوتے                                                                                                                          ہو اِلٰہی مرا شِعار دُرُوْد

جان نکلے تو اس طرح نکلے                                                                                                                          تجھ پر اے غمزدوں کے یار دُرُوْد

دل میں جلوے بسے ہوئے تیرے                                                                             لب سے جاری ہو بار بار دُرُوْد

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.