Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

ڪندي اسان کي به پنهنجو مال ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ گھرجي ۽ مال سان گڏوگڏ پنهنجو وقت به دين جي ڪمن ۾ صرف ڪرڻ گھرجي، ان جو هڪ طريقو اهو آهي ته ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ حصو ورتو وڃي۔ انهن مدني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”هفته وار مدني مذاڪرو“ به آهي۔ هن مدني ڪم جا بيشُمار دِيني ۽ دُنيوي فائدا آهن۔ جيئن، * مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان گناهن کان نفرت پيدا ٿيندي آهي۔ * مَدَني مذاڪري سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ * مَدَني مذاڪري ۾ دِيني معلومات ملڻ سان گڏوگڏ اَخلاقي تربيت به ٿيندي آهي۔ * اَلْحَمْدُلِلّٰه! ڪيئي اسلامي ڀائر مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان پنهنجي گُناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري چڪا آهن۔ اچو! نِيت ڪريون ٿا ته اسان به هر هفتي ”مَدَني مُذاڪرو“ ڏسڻ کي يقيني بڻائينداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به مَدَني مذاڪرو ڏسڻ جي دعوت ڏيندا رهنداسين اِنْ شَآءَ الله۔ رجب جي 6 مدني مذاڪرن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان هزارين عاشقانِ رسول عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا، ۽ ان جي علاوه ٻين ڪيئي شهرن ۾ عاشقانِ رسول اجتماعي طور تي اهي مدني مذاڪرا ڏسندا، الله ڪري ته اسان به انهن مدني مذاڪرن ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔

اچو! تَرغيب لاءِ  هڪ مدني  بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي نيت ڪريون ٿا،

مدني مذاڪري جي برڪت

واهه ڪينٽ(پنجاب پاڪستان) جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته دعوت اسلامي جي مدني ماحول کان اڳ معاشري جي ٻين نوجوانن جيان مان به ڪافي اَخلاقي بُرائين ۾ مبُتلا هئس۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، راند روند ۾ وَقت برباد، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ ۾ وقت صرف ڪرڻ منهنجو محبوب مَشغَلو هو۔ گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مُذاڪرو ڏسڻ جي سَعادت نصيب ٿي، اَلْحَمْدُلِلّٰه! مدني مذاڪري ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي برڪت سان مونکي ڏاڍو سڪون مليو ۽ اڳوڻن سڀني گُناهن کان توبه ڪري فرض ۽ واجب جو عامِل بڻجڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان، چهري تي هڪ مُشت ڏاڙھي شريف سجائي ورتي ۽ مدني حُليو به اَپنائي ورتو آهي، الله پاڪ جو وڌيڪ ڪرم هي ٿيو جو والِدَين خوشي سان ’’وقفِ مدينه‘‘(دعوتِ اسلامي جي ڪمن لاءِ پيش) ڪري ڇڏيو آهي۔

مدنی چینل کی مہِم ہےنفس وشیطاں کے خلاف                               جو بھی دیکھے گا کریگا اِنْ شَآءَاللہ اِعتراف

نفسِ  اَمَّارہ  پہ ضَرب  ایسی  لگے  گی  زور دار                                                          کہ ندامت  کے  سبب ہوگا گنہگار اشکبار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

حضرت سيدنا ابو بڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو مال دين جي لاءِ خرچ ڪندا هئا۔ جيڪڏهن اسان صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي سيرت جو مطالعو ڪريون ته خبر پوندي ته اهي به پنهنجو مال دين جي لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا۔ ان باري ۾ اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مثال اسان جي سامهون آهي۔