Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

          حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ واپاري هئا، ڪپڙي جي وسيع ڪاروبار جا مالڪ هئا، جنهن ڏينهن اسلام آندائون ته سندن وٽ چاليھ هزار درهم يا دينار (يعني 40 هزار چانديءَ يا سوني جا سِڪا) هئا، اسلام آڻڻ کان پوءِ اهي سڀئي راھ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيا۔

(تاريخ مدينة دمشق،۳۰/ ۶۶)

            غزوهءِ تبوڪ جي موقعي تي پنهنجي گھر جو سمورو مال اسلام ۽ مسلمانن تي نڇاور ڪرڻ جو واقعو به سندن ئي جو آهي۔ اهڙي طرح جڏهن به ضرورت پيش آئي ته دين جي لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪرڻ ۾ سندن ٿورو به نه ڪيٻايو۔ ڪيئي غلامن کي پنهنجو ذاتي مال ڏئي آزاد ڪرائڻ جو شرف به کين کي حاصل آهي۔ حضرت سيدنا عُروه رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه اهڙا ست غلام خريد ڪري آزاد ڪيا جن کي راھِ خدا ۾ تمام گھڻيون تڪليفون ڏنيون وينديون هيون۔ انهن ۾ حضرت سيدنا بلال حبشي ۽ سيدنا عامر بن فهيره رَضِىَ اللهُ عَنْهما به شامل آهن۔ (مجمع الزوائد،ڪتاب المناقب،باب جامع من فضله ،۹/۳۵،حديث :۱۴۳۴۰)

          منقول آهي ته حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي اسلام قبولڻ کان پوءِ تمام گھڻيون اذيتون ڏنيون وينديون هيون، حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پنج اوقيه (تقريباً 32 تولا) سون جي بدلي خريد ڪيو ته وڪڻڻ وارن چيو: ابوبڪر! جيڪڏهن اوهان صرف هڪ اوقيه سون تي زور ڀريو ها ته اسان ايتري قيمت ۾ ئي ان کي وڪڻي ڇڏيون ها۔ پاڻ فرمايائون: جيڪڏهن توهان سو (100) اوقيه سون گھرو ها ته مان اهي به ڏئي بلال کي ضرور خريد ڪيان ها۔ (الرياض النضرة، ج ۱ص۱۳۳)

          حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي معمولات کي ڏسي لڳي ٿو ته اسلام جي مدد و نصرت جي لاءِ پاڻ  کلي دل سان پنهنجو ذاتي مال خرچ ڪيو۔ پنهنجي مال سان مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اهڙي خدمت ڪئي جو آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ ارشاد فرمايو: مون کي ڪنهن جي مال ايترو فائدو نه ڏنو جيترو ابوبڪر صديق(رَضِىَ اللهُ عَنْه) جي مال ڏنو۔

(ابن ماجة،ڪتاب السنة، باب في فضائل اصحاب رسول الله،۱/۷۲ ،الحديث:۹۴)

حضرت عثمانِ غني جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ

          اهڙي طرح اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ به گھڻو مشهور آهي۔ ڪيئي ڀيرا پاڻ دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ تي آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان جنت جون خوشخبريون ماڻيون آهن۔ مديني شريف ۾ مهاجرن جي ضرورت تي پاڻ کوھ خريد ڪري دين جي لاءِ وقف فرمايائون۔ اهڙي طرح غزوه تبوڪ جي موقعي تي پاڻ 950 اُٺ، 50 گھوڙا ۽ 1000 اَشرَفيون پيش ڪيون، پوءِ بعد ۾ 10 هزار اَشرَفيون ٻيون پيش ڪيون۔ (مرآة المناجيح،۸/۳۹۵) جڏهن به ضرورت ٿيندي هئي پاڻ دينِ اسلام جي لاءِ خرچ ڪرڻ کان بلڪل نه ڪيٻائيندا هئا۔

          اهڙي طرح ٻين صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جا به ڪيئي واقعا آهن جو اهي دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهندا هئا۔

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان اسان کي به درس ملي ٿو ته دين جي لاءِ پنهنجو مال ڏيڻ، خرچ ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهڻ گھرجي۔ جيڪڏهن اسان بزرگن جا واقعا پڙهنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته انهن جي به ڪوشش هوندي هئي ته دين جي لاءِ اهڙي هنڌ خرچ ڪيو وڃي جنهن جا فائدا وقتي نه هجن بلڪ اچڻ وارن کي به ان مان فائدو ٿئي۔ هن سلسلي ۾ ڪروڙين حنفين جي امام، حضرت