Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

سڄو بيان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ جي نيت ڪريو۔

علمِ دين جي پياسن تي مال خرچ ڪيو

          حضور نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ سفر تان واپسيءَ تي خاتونِ جنت حضرت فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي گھر تشريف وٺي آيا پر گھر جي دروازي تي هڪ پردو ۽ پنهنجي لختِ جگر جي هٿن ۾ چاندي جا ٻه ڪنگڻ ڏسي واپس موٽي ويا۔ حضرت ابو رافع رَضِىَ اللهُ عَنْه خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته اهي روئي رهيون هيون، انهن مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي موٽي وڃڻ جي خبر ڏني ته حضرت ابورافع رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿي واپسي جو سبب پڇيو، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: دروازي تي موجود پردي ۽ چاندي جي ڪنگڻن جي سبب مان واپس موٽي پيس۔ (ابو داود، ڪتاب الترجل، باب ما جاء في الانتفاع بالعاج،۴/ ۱۱۸، حديث :۴۲۱۳، بتغير)

            حضرت ابو رافع رَضِىَ اللهُ عَنْه خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها کي هن ڳالھ جي خبر ڏني ته انهن پردو ڦاڙي ڇڏيو ۽ ڪنگڻ حضرت بلالرَضِىَ اللهُ عَنْه جي هٿان بارگاھ رسالت ۾ موڪلي ڇڏيا ۽ عرض ڪيو: مان هي ڪنگڻ صَدَقو ڪيان ٿي، اوهان جتي مناسب سمجھو اتي خرچ ڪري ڇڏيو۔ غريبن جي والي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ارشاد فرمايو: انهن کي وڪڻي اهلِ صُفّه تي خرچ ڪري ڇڏ۔ پوءِ حصرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه اهي ٻئي ڪنگڻ اڍائي درهمن ۾ وڪڻي اصحابِ صفه تي صدقو ڪري ڇڏيو۔ ان کان پوءِ پيارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي نياڻيءَ جي گھر تشريف وٺي آيا ۽ ارشاد فرمايائون: توهان تي منهنجا ماءُ پيءُ فدا (مان فدا منهنجا ماءُ پيءُ فدا انتهائي محبت وعظمت ظاهر ڪرڻ جي لاءِ چيا ويندا آهن) توهان تمام سٺو ڪيو۔

(سنن النسائي، ڪتاب الزينة، باب الڪراھية للنساء في اظهار الحلي والذھب ، ص۸۲۰، حديث:۵۱۵۰ ،بتغير)

مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سفر ۾ تشريف کڻي ويندا هئا ته پهريان سمورن گھر وارن کان موڪلائيندا هئا سڀ کان آخر ۾ حضرت فاطمه زهرا رَضِىَ اللهُ عَنْها کان موڪلائيندا هئا ۽ جڏهن سفر تان واپس موٽندا هئا ته سڀ کان پهريان بي بي فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي گھر  تشريف کڻي ايندا هئا پوءِ ٻين اهلِ بيت وٽ ايندا هئا۔ مطلب ته ويندا ها تڏهن به سندن جي گھران کان ٿي ويندا ها ۽ ايندا ها تڏهن به سندن جي گھر ۾، ان گھر جي عزت تي لکين سلام۔ دروازي تي لٽڪيل پردي ۽ ڪنگڻ جي باري ۾ فرمائن ٿا: دروازي جو اهو پردو غالبًا تصويرن وارو هو ۽ چاندي جا ڪنگڻ ڇوڪرن (يعني امام حسن و امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما) جي لاءِ هئا، مردن جي لاءِ ڪنگڻ حرام آهن ۽  تصويرن وارو پردو پڻ حرام آهي۔ بي بي فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي انهن شين جي حُرمت جي اڃان تائين خبر نه هئي۔ ان ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها انهن شين ڏانهن ڌيان نه ڏنائون، نه ته اهلِ بيتِ نبوت ڄاڻي واڻي ناجائز ڪم نٿا ڪري سگھن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صرف ناراضي ڏسي پڙدو ڦاڙي ڇڏيو ۽ ڪنگڻ حضور جي بارگاھ  ۾ صدقو ڪرڻ جي لاءِ موڪلي ڇڏيا۔ ته جيئن هن عمل کي ڏسي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھر ۾ تشريف کڻي اچن۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چاهيندا هئا ته حضرت فاطمه زهرا به انهن ڪنگڻن کي نه پائي ڇوته توڙي جو انهن جي لاءِ پائڻ جائز آهي پر مان چاهيان ٿو ته منهنجا اهل بيت جائز سينگار به شان و شوڪت سان نه ڪن ته جيئن انهن جون دليون دنيا ۾ نه لڳن ۽ آخرت ۾ انهن جا درجات اڃان بلند ٿين اهي دنيا ۾ فقر و رياضت جي زندگي گذارين۔ (مرآة المناجيح، ۶/۱۷۷بتغير)

والدين جي لاءِ نصيحت