Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

مدرسة المدينه جي لاءِ پيش ڪندس۔ * يا اهو به ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن جامعة المدينه يا رهائشي مدرسة المدينه جي راشن مثال طور (گيھ، چانور، پتي، کير وغيره) مان جيڪو مون کان پڄي سگھيو پنهنجي طرفان پيش ڪندس يا ڪنهن کي ان جي ترغيب ڏياريندس۔

والدين جي لاءِ صدقهءِ جاريه

          اَلغَرَض! ڪنهن به طرح هن ڪارِ خير (نيڪي جي ڪم) ۾ تعاون جي ضرور ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ ان اخراجات ۾ پنهنجي مرحوم والد يا والده يا ٻنهي جي ايصالِ ثواب جي به نيت ڪري سگھجي ٿي، ماءُ پيءُ جي حياتي ۾ به ته نيڪ اولاد انهن جي خدمت جي لاءِ خرچ ڪندي ئي آهي، اي ڪاش! جو اسان ماءُ پيءُ جي دنيا مان وڃڻ کان پوءِ به نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ خرچ ڪري اُنهن کي اِيصالِ ثواب ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري سگھون۔ اهو صدقهءِ جاريه به ٿيندو ۽ الله چاهيو ته دِين جي تقويت جو سبب به ٿيندو۔ هتي اها ڳالھ به ذهن نشين فرمايو ته اسان هجون يا نه هجون دين جو نظام قيامت تائين هلندو رهندو، اِنْ شَآءَ الله، اها اسان جي لاءِ سعادت جي ڳالھ آهي ته هن ۾ اسان جو ڪيترو حصو شامل ٿئي ٿو۔ يا اسان ٻين سان رابطو ڪري پنهنجي اعمال نامي ۾ ڪيتريون نيڪيون لکرائي سگھون ٿا۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين

مجلس مڪتوبات ۽ اورادِ عطاريه جي ايپ جو تعارف

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي مجلس مڪتوبات ۽ اورادِ عطاريه تحت اي ميل ۽ ٻين ذريعن سان روزانو سوين استخارا ڪيا ويندا آهن۔ ڏکويل اُمّت جي غم خواري جي مقدس جذبي تحت دعوتِ اسلامي جي شعبه مجلسِ آئي ٽي جي ڪاوشن مان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن بنام ”آن لائن روحاني علاج اينڊ استخاره Online Rohani ilaj & istikhara“ به لاؤنچ ڪئي وئي آهي۔ هن ۾ ڪيئي سهولتون آهن۔ * هن ايپ جي ذريعي سڄي دنيا مان اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون گھر ويهي بيمارين، پريشانين، گھريلو ناچاقين، بي جا مقدمه بازين سميت هر جائز ڪم جي لاءِ استخارو ۽ ڪاٽ ڪرائي سگھن ٿا۔ * هن ايپ جي ذريعي اوهان اورادِعطاريه به گھرائي سگھو ٿا۔ * هن ايپ ۾ اميرِ اهلسنّت حضرت ِ علّامه محمد الياس عطّار قادِري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو مريد بڻجڻ جي سهولت به آهي۔ * هن ايپ جي ذريعي استخاره، ڪاٽ ۽ اوراد بابت مدني چينل جا پروگرامز، آڊيوز ۽ ويڊيوز به ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا۔ * روحاني علاج بابت اميرِ اهلِسنّت جي تحرير ڪيل ڪتاب ۽ رسالا ۽ مختلف زبانن ۾ وظيفا به حاصل ڪري سگھو ٿا۔ اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال (Install) ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت