Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

ته آقا ڪريم عَلَيه السَّلَامصرف اصحابِ صُفّه تي ئي خرچ ڪندا هئا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مال ته دين جي لاءِ وقف هو۔ جيترو به مال سندن خدمت ۾ ايندو هو، پاڻ راھ خدا ۾ خرچ ڪندا هئا۔

حضرت سَيدُنا ابُوذَر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان نبِي اَڪرَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سان گڏ هيس. جڏهن پاڻ سڳورن احد جبل کي ڏٺو ته فرمايو؛ ”جيڪڏهن اِهو جبل منهنجي لاءِ سون بڻجي وڃي ته مان پسند نه ڪندس ته ان مان هڪ دينار به مون وٽ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رهجي وڃي، سواءِ ان دينار جي جنهن کي مان قرض جي ادائيگي جي لاءِ رکي ڇڏيان“۔

(بخاري ،ڪتاب في الاستقراض… الخ،باب اداء الديون، ۲/ ۱۰۵، حديث:۲۳۸۸)

رب ڪريم قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

وَ اَمَّا السَّآىٕلَ فَلَا تَنْهَرْؕ(۱۰) (پ۳۰،الضحي:۱۰)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ سوالي کي نه جهڙڪ

يعني اي حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، جڏهن اوهان جي بارگاھ ۾ ڪو سوالي اچي ڪجھ گھري ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ ڌڙڪا ڏيڻ مناسب ناهي بلڪ ان کي ڪجھ ڏيو يا حسنِ اَخلاق ۽ نرمي سان انهن جي سامهون نه ڏيڻ جو عذر بيان ڪري ڇڏيو۔

(خازن، الضحي، تحت الآية: ۱۰، ۴ / ۳۸۸، مدارڪ، الضحي، تحت الآية: ۱۰، ص۱۳۵۷، ملتقطاً)

             اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهيء آيت ڏانهن اشارو ڪندي فرمائن ٿا:

مومن ہوں  مومنوں  پہ رؤفٌ رحیم ہو                                سائل ہوں  سائلوں  کو خوشی لانہر کی ہے

مانگیں  گے مانگے جائیں  گے منھ مانگی پائیں  گے                            سرکار میں  نہ ’’لا‘‘ ہے نہ حاجت  ’’اگر‘‘ کی ہے

(حدائق بخشش،ص۲۱۲،۲۲۵)

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو ته اسان جا آقا سيدالانبياء آهن، نبين جا سردار آهن، ڪونين جا والي آهن، تخليقِ ڪائنات جو سبب آهن، پر ان جي با وجود سندن جو مبارڪ انداز اهو هو جو پنهنجو پاڻ وٽ دنياوي مال رهڻ نه ڏيندا هئا، پاڻ بکايل رهي ٻين کي کاڌو کارائڻ سندن جو طريقو رهيو آهي، پنهنجو مال هجي يا تحفي ۾ مليل مال هجي بلڪ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته نبي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سمورو مال دين جي لاءِ وقف هو ته اهو غلط نه ٿيندو ڇوته نبين سڳورن ڪنهن کي دينار ۽ درهم جو وارث ناهي بڻايو جيئن  

          مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ حديث جي شرح ڪندي لکن ٿا ته ڪجھ انبياء ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام تارِڪ الدُّنيا هئا، جن ٿورو مال به جمع ڪري نه رکيو هو جيئن حضرت يحييٰ وعيسيٰ عَلَيهمَا السَّلَام ۽ ڪن نبين سڳورن وٽ مال گھڻو هو جيئن حضرت سليمان و داؤد عَلَيهمَا السَّلَام، پر ڪنهن نبي جي مالي ميراث نه بڻجي، انهن جو ڇڏيل مال دين جي لاءِ وقف هوندو آهي۔

(مرآة المناجيح،۱/۱۹۹)

        سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! اوهان ٻڌو ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مال دين جي لاءِ وقف هو، خاص ڪري ديني طالب علمن تي خرچ ڪرڻ ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عادت هئي ۽ پنهنجي نياڻيءَ سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي لاءِ به اهو ئي پسند فرمائيندا هئا ته اهي به پنهنجو مال دين جي راھ ۾ خرچ ڪن۔

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”مدني مذاڪرو “

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت تي عمل