Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه قاضي امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ڪفالت ڪئي هوندي، ائين ناهي، ٻه ٽي سال ته ڇا بلڪ امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڏھ (10) سال تائين منهنجو ۽ منهنجي گھروارن جو خرچ برداشت ڪيو۔ (مناقب امام اعظم ،جز اول ،ص۲۵۹ ملخصا)

امامِ اعظم کي ملڻ واريون برڪتون

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ درس ئي درس آهي۔ حضرت امام قاضي ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بعد ۾ تمام وڏا عالم، مجتهد، مفتي ۽ قاضيءِ اسلام بڻيا۔ بلڪ سندن جي فيضِ نظر ۽ پُراثر تعليم سان ڪيئي وڏا وڏا عالم ۽ مفتي ۽ مجتهد پيدا ٿيا۔ سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته حضرت قاضي امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي اهو رتبو ۽ مقام ان ڪري مليو جو حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهن جي ڪفالت به ڪئي ۽ انهن کي پڙھايو به۔ پوءِ حضرت قاضي امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بعد ۾ حضرت امام محمد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي پڙھايو۔ حضرت امام محمد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حضرت امام شافعي جا استاد آهن۔ حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي پڙھايو۔ حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه امام بخاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي تعليم ڏني۔ حضرت امام بخاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اڳتي ڪيئي شاگرد پيدا ڪيا ۽ اهڙي طرح پوءِ اڳتي اهو سلسلو وڌندو ويو ۽ اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي ۽ اِنْ شَآءَ الله قيامت تائين جاري ۽ ساري رهندو۔ سوچيو وڃي ته اهو سڄو فيضان حضرت امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو آهي ۽ هن سڄي ثواب جا حق دار اهي به آهن ان ڪري جو انهن حضرت امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي علمِ دين جي روشني سان منور به فرمايو ۽ انهن تي پنهنجو مال به خرچ ڪيو۔

اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ديني شاگردن تي خرچ  ڪرڻ جو انداز

        پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي عادت مبارڪه به هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه علمِ دين حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي خوب خرچ ڪري خوش ٿيندا هئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه شاگردن تي گھڻا شفيق ۽ ڪريم هئا، خوشين جي موقعن تي، عيد جي ڏينهن ۾، انهن جي لاءِ نوان نوان ڪپڙا سڀرائيندا هئا ۽ قسم قسم جا کاڌا پچرائي کارائيندا هئا۔ عرب شاگردن جي لاءِ عربي کاڌو، روسي شاگردن جي لاءِ روسي کاڌو، بنگالي شاگردن جي لاءِ بنگالي کاڌو الغرض جن شاگردن کي جيڪو کاڌو وڻندو هو انهن کي اهو پچرائي کارائيندا هئا ۽ کارائي خُوش ٿيندا هئا۔

(سوانح اعلي حضرت،ص۱۴۶ملخصا)

        اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوت اسلامي به جامعات المدينه جي شاگردن جي لاءِ کاڌي جو بهترين اهتمام ڪندي آهي بلڪ شاگردن جي هر طرح جي سهوليات جو خيال رکيو ويندو آهي، تنهنڪري هن نيڪ ڪم ۾ به دعوت اسلامي سان ڀر پور تعاون فرمايو۔

اسان کي ڪٿي خرچ ڪرڻ گھرجي؟

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ نصيحت جا ڪيئي مدني گل به آهن ۽ ڪيتري پياري انداز سان اسان جي رهنمائي به ڪئي پئي وڃي ته اسان پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ ڪهڙي انداز سان خرچ ڪريون ته جيئن ثواب به ملي ۽ اُمّتِ مُسلمه جي خير خواهي به ٿئي۔

          ڪنهن جي عالمِ دِين بڻجڻ ۾ جيڪڏهن اسان جو مالي حصّو به شامل ٿي وڃي ته ان جا کوڙ سارا فائدا به آهن ۽ گھڻي دير تائين رهڻ وارا به آهن۔ بلڪ جيڪڏهن ان کي ثوابِ جاريه چيو وڃي