Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو.)

درود پاڪ جي فضيلت

حضرتِ سَيدُنا حَفص بن عبدُالله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو بيان آهي ته مون اِمام الۡمُحَدِّثِين حضرتِ سَيدُنا اَبُو زُرعَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي سندن وَفات کان پوءِ خواب ۾ ڏٺو ته هو پهرين آسمان تي ملائڪن کي نماز پڙھائي رهيا آهن۔ مون پڇا ڪئي: اي اَبُو زُرعَه! اوهان کي اهو اِعزاز ۽ مرتبو ڪيئن مليو؟ انهن اِرشاد فرمايو: مون پنهنجي هٿ سان ڏھ (10) لک حَديثون لکيون آهن ۽ مان هر حديث ۾ دُرود پاڪ پڙھندو هئس ۽ نبي رَحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي ته جيڪو مُسَلمان هڪ ڀيرو مون تي دُرُود شريف موڪليندو آهي ته الله پاڪ ان تي ڏھ رَحمتون نازِل ڪندو آهي“.  

(شرح الصدور،باب في نبذ من اخبار من راٰي الموتي …الخ،ص ۲۹۴)

سر سے پا تک کروڑ بار سلام                                                                                                                اور سراپا   پہ بے شمار درود

دل میں جلوے بسے ہوئے تیرے                                                                                 لب سے جاری ہو بار بار درود

قَبْر میں خُوب کام آتی ہے                                                                           بیکسوں کی ہے یارِ غار دُرُود

(ذوقِ نعت، ص، ۱۲۴-۱۲۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.

 (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ“ اڄ اسان انهيء باري ۾ صحابهءِ ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ ٻين بزرگن جا اهڙا واقعا ٻڌنداسين جن دِينِ اسلام جي سربلندي جي لاءِ پنهنجو وقت ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجو مال به خرچ ڪيو. اڄ جي دور ۾ اسان دِيني شاگردن جي ڪهڙي طرح سان خدمت ڪري سگھون ٿا؟ هن باري ۾ ڪجھ مدني گل به ٻڌنداسين۔