Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

پٽ کي نصيحت“ جنهن ۾ اسان امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سيرت ۽ ڪردار بابت ٻڌنداسين۔ سندن تعارف به ٻڌنداسين ۽ انهن پنهنجي پٽ حضرت سيدنا امام موسيٰ ڪاظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ڪهڙيون نصيحتون ڪيون هن باري ۾ به ڪجھ ٻڌنداسين۔ آخر ۾ ڪونڊن بابت ڪجھ اهم نڪتا به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

)1( جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])

)2( سمورا گُناھ مُعاف

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِ نَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰی اٰلِہٖ وَسَلِّمْ

حضرتِ سَيِّدُنا انس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ مدينہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شَخص هي دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو تو ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])

)3( رَحمت جا ستّر دروازا

صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ

جيڪو هي دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([3])

)4( ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ

حضرت اَحمد صاوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([4])

 



[1]   افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا

[2]   افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ الحادیۃ عشرۃ، ص 65

[3]   القول البدیع، الباب الثانی، ص277،

[4]   افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ الثانیۃ والخمسون، ص149