Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ مبارڪه ۾ والدين جي لاءِ نصيحت آهي ته هو پنهنجي اولاد خاص ڪري ڇوڪرين جي ديني اعتبار سان تربيت ڪن۔ ته جيئن اهي شادي کان پهريان ۽ شادي کان بعد به نيڪ سيرت عورت بڻجي پنهنجي ٻارن جي ديني اعتبار سان تربيت ڪن۔ ڇوته عورت کان ئي هڪ چڱو گھراڻو ۽ خاندان بڻجندو آهي۔ پوءِ انهن جي پنهنجي ٻارن جي سٺي تربيت ڪرڻ سان هڪ بهترين ۽ نيڪ معاشرو بڻجندو آهي۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي ڀيڻ ڌيءُ جي تربيت دين جي مطابق ڪريون۔ اهو به معلوم ٿيو ته جتي والدين جي سعادت مندي اها آهي ته اهي نياڻيءَ جي چڱي تربيت ڪن اتي نياڻيءَ جي سعادت مندي اها آهي ته اها والدين جي جائز خوشين جو لحاظ رکي۔ انهن جي خدمت ڪري، انهن جي مزاج کان واقف ٿئي، پوڙهائپ ۾ خاص ڪري انهن جي سٺي طرح خدمت ڪري۔ پنهنجي خوشين تي والدين جي جائز خوشين کي ترجيح ڏئي۔ مطلب ته انهن جي خدمت ۾ ڪا ڪمي نه ڪري۔ جيئن خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها سعادت مند ڌيءُ هيون۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي سعادت مندي جي ڪري ئي اسان تي ڪرم ٿيو جو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاتونِ جنت کي هڪ تسبيح عطا فرمائي جنهن کي تسبيحِ فاطمه چيو ويندو آهي۔

تسبيحِ فاطمه

امير المؤمنين مولا مشڪل ڪشا حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ ڪجھ قيدي آندا ويا ته مون حضرتِ فاطمه کي چيو ته تون پنهنجي بابا سائين، حضور رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪو غلام وٺي اچ ته جيئن اهو ڪم ڪار ۾ تنهنجو هٿ ونڊائي سگھي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها شام جي وقت حضور نبي اَڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيون ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇا ڪئي: ڌيءُ ڇا ڳالھ آهي؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها صرف ايترو عرض ڪيو ته سلام جي لاءِ حاضر ٿي آهيان۔ حياء جي سبب وڌيڪ ڪجھ نه چئي سگھيون۔ جڏهن گھر موٽيون ته حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم پڇا ڪئي: ڇا ٿيو؟ چيائين: مان حياءُ جي ڪري وڌيڪ ڪجھ نه چئي سگھيس۔ ٻي رات وري حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم خاتونِ جنت، حضرت فاطمة الزّهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها کي نبي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ گھر جي ڪم ڪار ۾ سهولت جي لاءِ هڪ غلام گھرڻ لاءِ موڪليو پر پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها هن ڀيري به حياءُ جي سبب سوال نه ڪري سگھيون۔ (حضرت علي المرتضٰيکرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم وڌيڪ فرمائن ٿا ته) جڏهن ٽئين شام آئي ته اسان ٻئي حضور نبي اَڪرم، نُورِ مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اچڻ جو سبب پڇيو ته حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يا رسول الله! اسان کي ڪم ۾ دشواري ٿيندي آهي تنهنڪري اسان چاهيو ته اوهان کان ڪو غلام گھرون۔ حضور نبي اَڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ڇا مان توهان کي اهڙو ڪم نه ٻڌايان جيڪو توهان جي لاءِ ڳاڙهن اٺن کان بهتر آهي؟ حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم عرض ڪيو: جي ها! يا رسولَ الله! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: صبح شام 33 ڀيرا سُبْحَانَ الله، 33 ڀيرا اَلحَمْدُلله ۽ 34 ڀيرا اَلله اَڪبَر چئو، صبح ۽ شام هزار نيڪيون ملنديون۔ حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا: هن کان پوءِ مون انهن تسبيحات کي پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري ورتو وري ڪڏهن هن عمل کي نه ڇڏيو، ايستائين جو صفين جي جنگ واري رات ۾ ان کي پڙهڻ وسري ويو هو پوءِ مون کي آخر ياد اچي ويو ته مون پڙھي ورتو۔

(سنن ڪبري للنسائي،ڪتاب عمل اليوم والليلة،باب ثواب ذلڪ،۶/۲۰۴،حديث: ۱۰۶۵۲)