Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

شاگردياڻين جي تنظيمي تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي، ته جيئن دورانِ تعليم ۽ درس نظامي کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ شاگرد اسلامي ڀائر اسلامي ڀائرن ۾ ۽ پنهنجي گھر وارن ۾ دعوت اسلامي جي طريقيڪار جي مطابق نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ۽ طالبات ٻين اسلامي ڀينرن ۽ پنهنجي محارم رشتيدارن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪنديون رهن۔

 تنظيمي ۽ اخلاقي تربيت جو نتيجو آهي جو جامعة المدينه جا اسلامي ڀائر هر مهيني جدول جي مطابق مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندا آهن، جامعة المدينه جي آس پاس 12 مدني ڪمن کي عام ڪرڻ جي لاءِ ذمّه داريون سنڀاليندا آهن ۽ اَلْحَمْدُلله! جامعة المدينه جا استاد سڳورا ۽ شاگرد سڳورا اِمامت ۽ خطابت جو فريضو به سرانجام ڏئي رهيا آهن، جن جي ڪري کوڙ مسجدون آباد آهن۔ ڪيئي استاد ۽ شاگرد "جامعة المدينه و مدرسة المدينه آن لائن" جي ذريعي سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي تعليمِ قرآن ۽ علمِ دِين جي روشني سان منور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن، ڪيئي استاد ۽ شاگرد دعوتِ اسلامي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجون دِيني خدمتون پيش ڪري رهيا آهن۔

اهڙي طرح جامعة المدينه (للبنات) جي مُدرِّسات ۽ طالبات (يعني پڙھائڻ واريون مَدَنِيه اسلامي ڀينرون ۽ شاگردياڻيون) به دعوتِ اسلامي جي مختلف شعبن ۾ ٿيڻ وارن مدني ڪمن ۾ حصّو وٺڻ جي سعادت حاصل ڪنديون آهن۔ اسلامي ڀينرن جي عالمي مجلس مشاورت جي تحت اسلامي ڀينرن جي 8 مدني ڪمن ۾ عملي طور تي شامل ٿي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون۔ اَللّٰھُمّ زِدْ فَزِدْ ثُمَّ زِد۔ يعني اي الله وڌاءِ اڃان وڌاءِ ۽ وري وڌاءِ۔ (فيضانِ سُنّت صفحه۵۸۹،ملتقطاً)

عالم نه بڻجي سگھيا ته ٻين کي بڻايو

          ياد رکو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته عالم بڻجڻ جون وڏيون فضيلتون آهن، هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته حافظ بڻجڻ جو وڏيون فضيلتون آهن، يقيناً هتي اسان مان ڪيئي اهڙا هوندا جن جي دل ۾ اها خواهش هوندي ته ڪاش اسان عالم بڻجون ها، ڪيئي اهڙا هوندا جيڪي حافظ بڻجڻ چاهيندا هوندا۔ اسان جيڪڏهن عالِم نه به بڻجي سگھياسين ته هاڻي اها سعادت اسان کي ملي سگھي ٿي ته اسان پنهنجي مال جي ذريعي مدد ڪري ڪنهن کي عالم بڻائي ڇڏيون۔ همت ڪريو ۽ دعوتِ اسلامي جي جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه جي جمله اخراجات جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪريو۔

خود ڪفالت

          * مثال طور الله پاڪ وُسعت ڏني آهي ته مسجد بڻائي ڇڏيو، جامعة المدينه يا مدرسة المدينه بڻائي دعوتِ اسلامي کي ڏئي ڇڏيو۔ * جيڪڏهن اهو نه ٿي سگھي ته ڪنهن جامعه يا مدرسي جو ماهوار خرچ پنهنجي ذمي وٺو۔ * يا ڪنهن جامعه ۽ مدرسي جي يوٽيلٽي بلز (مثال طور بجلي، گيس وغيره) جي ادائيگي پنهنجي ذِمي وٺو * يا ڪنهن جامعه يا مدرسي جي مدني عملي (استادن ۽ قاري صاحبان وغيره) جي پگھار (Salary) پنهنجي ذِمي تي وٺو * جيڪڏهن اوهان سبزين جو ڪاروبار ڪريو ٿا ته پنهنجي قريبي ڪنهن جامعة المدينه يا رهائشي مدرسة المدينه جي سبزي وغيره پنهنجي ذِمي وٺو۔ * ڪڻڪ يا اٽي جي پيشڪش ڪريو۔ * پنهنجي ٻني مان ڪڻڪ جو هڪ حصو مخصوص ڪري وٺو ته اهو الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه يا