Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

ڀينرون درسِ نظامي مڪمل ڪري چڪيون آهن ۽ تقريباً 1431 (هڪ هزار چار سو ايڪٽيھ) اسلامي ڀينرون فيضانِ شريعت ڪورس مڪمل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري چڪيون آهن۔ دعوتِ اسلامي جي هن اهم ترين شعبي جو سالانو خرچ اربين روپين ۾ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول پنهنجو حصو شامل ڪن ٿا، الله ڪري اسان به انهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وڃون، هرڪو پنهنجي مالي حيثيت جي مطابق غور ڪري وٺي ته اهو پنهنجي طرفان ڪيترو حصو شامل ڪري سگھي ٿو۔

جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه سان تعاون جي اهميت

هاڻي اسان ٻڌو ته اسان جا اسلاف دينِ اسلام جي لاءِ خرچ ڪرڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪندا ها، ۽ پوءِ خاص طور تي دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه يعني اهڙي اداري سان تعاون ڪرڻ جتي اُمّت جا رهنما يعني عالم سڳورا تيار ٿيندا هجن، اهو ڄڻ ائين آهي جيئن دين کي مضبوط ڪرڻ۔

دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه ۾ جتي فيضانِ علمِ دين عام ٿي رهيو آهي، اتي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پڙهڻ وارن جي ذريعي بي نمازين تائين نماز جي دعوت پهچي رهي آهي، قرآنِ پاڪ جي تعليم سان ناواقف ماڻهن ۾ محبتِ قرآن عام ڪئي پئي وڃي، قرآن سکڻ سيکارڻ جو جذبو ڏنو پيو وڃي، اهي اُمّت جا رهنما ڪڏهن امامت جي مُصلّي جي ذريعي ته ڪڏهن منبر جي ذريعي، ڪڏهن تدريس جي منصب تي فائز رهي ته ڪڏهن تصنيف جي ميدان ۾ پنهنجي قلم جي ذريعي نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اهڙي اِداري سان تعاون ڪرڻ ڄڻ پنهنجي معاشري ۾ ديني نظام جي ترقي ۽ مضبوطيءَ جو ضامن آهي۔ پنهنجي صدقات، خيرات، زڪوٰة ۽ عُشر وغيره جي ذريعي دعوتِ اسلامي جي جامعات المدينه سان ڀرپور تعاون ڪريو۔

اي عاشقانِ رسول! ياد رکو! جهڙي طرح عُشر يعني (فصلن ۽ ميون وغيره) جي زڪوٰة ڏني ويندي آهي، اهڙي طرح جانورن جي به زڪوٰة ڏيڻي پوندي آهي۔ ڪهڙي قسم جي جانورن تي زڪوٰة واجب آهي؟ ۽ ڪهڙي قسم جي جانورن تي زڪوة واجب ناهي؟ جانورن جي زڪوٰة جو نصاب ڇا هوندو آهي؟ جانورن جي زڪوٰة جي احڪام جو خلاصو، جانورن جي زڪوٰة ڪهڙي طرح ادا ڪئي وڃي؟ اهو سڀ ڪجھ ڄاڻڻ جي لاءِ ذمه دارانِ دعوتِ اسلامي سان رابطو ڪري "جانورن جي زڪوٰة" پمفلٽ حاصل ڪريو ۽ اهڙن عاشقانِ رسول تائين پهچايو جن وٽ ايترا جانور آهن جو جن تي زڪوٰة واجب ٿيندي آهي، ان ۾ پهچائڻ واري جي لاءِ به نيڪي ڪمائڻ جو عظيم موقعو آهي، الله پاڪ اسان کي دِينِ اسلام جي سربلندي جي لاءِ پنهنجو مال ان جي راھ ۾ پيش ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔

ديني و اخلاقي تربيت

اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي جي جامعات المدينه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ديني ۽ اخلاقي تربيت تي ڀرپور توجھ ڏني ويندي آهي۔ ان جي لاءِ نمازِ پنجگانه جي علاوه ٻين نفلن مثال طور صلوٰة التّوبه، تهجّد، اشراق ۽ چاشت جي نمازن جو اهتمام ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي مختلف موقعن تي بيانات جو سلسلو رکيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪڏهن والدين جو ادب ۽ احترام ڪرڻ ۽ حسن سلوڪ سان پيش اچڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي، ڪڏهن ڪوڙ، غيبت، چغلي، حسد، تڪبر وغيره جهڙي باطني مرضن کان نفرت ڏياري ويندي آهي۔ اهڙي طرح انهن شاگردن ۽