Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖيعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .  (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس *  صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس *   بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ته ”صديق   لاءِ  آهي خدا ۽  رسول فقط “ اڄ انهيءَ  باري ۾ ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا۔

          هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته دينِ اسلام الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي۔ اها اسان جي تمام وڏي خوش قسمتي آهي جو اسان کي پيدا ٿيندي ئي سڀني نبين جي سلطان، امام حسن و حسين جي ناني جان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي نصيب ٿي۔ اسان مسلمان آهيون، پر ڪمال اهو آهي جو جڏهن اسان جي