Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

سڄو قبيلو به ناراض ٿي رهيو آهي، گھر وارا به پريشان آهن، پر ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بغير بس هڪ ئي جملو زبان تي آهي ته مون کي ٻڌايو منهنجي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڇا حال آهي؟ ڄڻ ته حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه عملي طور تي باقي دنيا تائين جي مسلمانن کي اهو درس ڏئي ويا ته جيئڻ آهي ته به مصطفيٰ جي لاءِ، مرڻ آهي ته به مصطفيٰ جي لاءِ۔ حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي انهيء عشق ڀري معمولات کي ڏسي چوڻو پئي ٿو ته

پروانے کو چراغ، بُلْبُل کو پھول بس

صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بنا سوچڻ جي ايمان آندائون

اي عاشقانِ صديق اڪبر! حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زندگي جو مطالعو ڪيو وڃي ته ائين لڳندو آهي ته پاڻ سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي باري ۾ پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون۔ الله جي پياري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪو به فرمائي ڇڏيو اهو ئي حق آهي۔ ايستائين جو جڏهن آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي دعوتِ اسلام ڏني هئي تڏهن به انهن يڪدم لبيڪ چئي ايمان قبول ڪيو۔ ائين لڳي ٿو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دل پهريان ئي ايمان قبول ڪرڻ جي لاءِ تڙپي رهي هئي صرف دعوت ملڻ جي دير هئي ۽ اها شمع عشقِ رسالت جيڪا روشن ٿيڻ لاءِ بيتاب هئي يڪدم روشن ٿي وئي۔ ان ڪري منهنجي ۽ اوهان جي نبي پياري نبي، مٺي نبي، سچي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون جنهن کي به اسلام جي دعوت ڏني ان ڪجھ نه ڪجھ وقت ورتو، ٿورو گھڻو غور و فڪر ضرور ڪيو، پر ابوبڪر صديق اها واحد هستي آهن جو جڏهن مون انهن کي اسلام جي دعوت ڏني ته انهن بنا ڪنهن تردد، بغير ڪنهن غوروفڪر ۽ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي يڪدم ڪلمو