Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

صدقي اسان جي بلاحساب مغفرت فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.۔

( مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ  بنے آقا                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

(1) مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ]2[ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل بهار شريعت جلد 3 صفحي 469 تي لکيل مسئلي جو خلاصو آهي؛ ”سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهيو آهيان ان جو مال ۽ عزت آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن مان ان مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿو“

]3[ ڏينهن ۾ ڪيتري ڀيرا به ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻي ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي۔

]4[ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي۔

]5[ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله عَزَّوَجَلَّ جو مُقرّب آهي۔

]6[ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، پياري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي؛ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بري آهي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 433 حديث 8786)

]7[ سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10