Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

شمع کو چراغ، بُلْبُل کو پھول بس

صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس

آلِ فرعون جي مومن کان بهتر

          حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْهفرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته  قريش جي ڪافرن نبي پاڪصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گھيري ورتو هو ۽ سندن کي مختلف قسم جون تڪليفون ڏئي رهيا هئا، هڪ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام تي هٿ کڻي رهيو آهي ته ٻيو وري نهايت سخت ۽ تڪليف ده لهجي ۾ ڳالھائي رهيو هو ۽ اها بڪواس به ڪري رهيو هو ته تون ئي آهين اهو شخص جنهن سڀني خدائن کي ڇڏي هڪ خدا بڻائي ورتو آهي۔ حضرت علي فرمائن ٿا: خدا جو قسم! ان وقت حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کان علاوه ڪو به پياري آقاصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ويجھو نه ويو، حضرت سيدنا ابوبڪر صديق ئي هڪ قريشي کي ماريو، ٻئي کي ڌڪو ڏنو ۽ ٽئين کي چيڀاٽيندي سڀني کي پوئتي هٽايو ۽ چيائون: افسوس آهي توهان تي! اهڙي شخصيت کي شهيد ڪرڻ چاهيو ٿا جيڪو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي۔ اهو واقعو ٻڌائڻ کان پوءِ حضرت علي المرتضي شير خدا ڪرَّمَ الله وَجْهه الْڪرِيم پنهنجي مٿان چادر هٽائي ۽ زارو قطار روئڻ لڳا ۽ ايترو رُنا جو ڏاڙھي لڙڪن سان تر ٿي وئي، پوءِ ارشاد فرمايائون، انسانو: مان توهان کي خدا جو واسطو ڏئي پڇان ٿو، مون کي ٻڌايو ته آلِ فرعون جو مومن بهتر هو يا حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه؟ (هتي اها ڳالھ ياد رکو ته آلِ فرعون جو مومن ڪير هو؟ اهو فرعون جي قوم جو هڪ شخص هو جيڪو حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي ايمان آڻي چڪو هو پر ان پنهنجو ايمان ظاهر نه ڪيو، پنهنجي قوم کان به ان پنهنجو ايمان لڪايو هو۔ بعد ۾ جڏهن فرعون ۽ ان جا ساٿي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي قتل ڪرڻ لڳا ته ان انهن کي هن بري ارادي کان باز رکيو هو۔) ته جڏهن حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه ماڻهن کي فرمايو ته مان توهان کي خدا جو واسطو ڏئي پڇان ٿو، مون کي ٻڌايو ته آلِ فرعون جو مومن بهتر هو يا حضرت ابوبڪر