Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه؟ ته تمام ماڻهو خاموش رهيا۔ حضرت علي فرمائڻ لڳا: مون کي جواب ڇو نٿا ڏيو؟ پوءِ پاڻ ئي ارشاد فرمايائون ته خدا جو قسم! ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زندگي جو هڪ لمحو آلِ فرعون جي مومن جهڙي شخص جي ڪيئي ڪلاڪن کان بهتر آهي، ڇو جو ان ٻانهي ته پنهنجي ايمان کي لڪائي رکيو هو ۽ حضرت صديق اڪبر ته پنهنجي ايمان جواعلانيه اظهار ڪندا هئا. (مسند البزار،ومما روي محمدبن عقيل عن علي، ۳/۱۴، الحديث: ۷۶۱ ملخصا) ۽ مڪي مدني حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حمايت جو ڪم به ڪندا هئا ۽ ڪنهن جي پرواھ نه ڪندا هئا۔ ان ڪري جو سندن زندگي انهيء کان شروع ٿيندي آهي ۽ ان تي ختم ٿيندي آهي پوءِ ڇونه چئجي.

پروانے کو چراغ، بُلْبُل کو پھول بس

صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مال جي ذريعي دينِ اسلام ۽ صاحبِ اسلام جي خدمت

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جيڪو پيار ۽ محبت ڀريو ورتاءُ هو، اهو دولت ۽ مال جي باري ۾ به برقرار هو، حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ واپاري هئا، ڪپڙي جي وڏي ڪاروبار جا مالڪ هئا، جنهن ڏينهن اسلام آندائون ان وقت سندن وٽ چاليھ هزار درهم يا دينار(يعني 40 هزار چاندي يا سون جا سڪا) هئا، اسلام آڻڻ کان پوءِ اهو سمورو مال راھ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيو۔

(  تاريخ مدينۃ دمشق،ج۳۰، ص۶۶)

هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه اها هستي آهن جن اسلام قبول ڪرڻ کان بعد کان وٺي مدينه شريف ڏانهن هجرت ڪرڻ تائين پنهنجو مال